ويسٽ انڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست، ڀارت سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ

ويسٽ انڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست، ڀارت سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ

ڪولڪتا(ويب ڊيسڪ) ڀارت اهم ميچ ۾ ويست انڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، ويسٽ انڊيز آئوٽ ٿي وئي. 196 رنز جي ٽارگيٽ لاءِ ڀارت بيٽنگ شروع ڪئي ته اوپنر اڀيشڪ شرما 10 رنز ٺاهي عقيل حسين جي بال تي شمرون هٿان ڪيچ ٿيو، پنجين اوور ۾ اشان ڪشن به 10 رنز ٺاهي جيسن هولڊر جي بال تي شمرون هٿان ڪيچ ٿي ويو، سوريا ڪمار ياديو 18 رنز ٺاهي شمر جوزف جي بال تي ردرفورڊ هٿان ڪيچ ٿيو. سنجو سمسن ففٽي مڪمل ڪئي ۽ تلڪ ورما سان گڏجي اسڪور اڳتي وڌايو. 141 جي اسڪور تي تلڪ ورما 15 بالن تي 27 رنز ٺاهي جيسن هولڊر جي بال تي شمرون هٿان ڪيچ ٿيو ته هاردڪ پانڊي آيو، جنهن جو ڪيچ جيسن هولڊر ڊراپ ڪيو پر بعد ۾ 17 رنز ٺاهي شمر جوزف جي بال تي جيسن هولڊر هان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد شيوم ڊوبي آيو 10 بالن تي 17 رنز گهربل هيون هن پهرين بال تي ئي چوڪو هنيو. آخري اوور ۾ 7 رنز گهربل هيون، سنجو سيمسن پهرين بال تي ڇڪو ۽ ٻئي بال تي چوڪو هڻي ميچ کٽي ورتي ۽ ڀارت ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. سنجو 50 بالن تي 97 رنسون ٺاهي نات آئوٽ رهيو. ويسٽ انڊيز خلاف ’ڪريو يا مرو‘ واري گيم ۾ ٽاس کٽي ڀارت فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. شئي هوپ کي 32 رنسون ٺاهن بعد ورون چڪرورتي بولڊ ڪيو. روسٽن چيز 25 بالن تي 40 رنز ٺاهي بومرا جي بال تي سوريا ڪمار هٿان ڪيچ ٿيو، شمرون هيٽمائر 12 بالن تي 27 رنز ٺاهي بومرا جي بال تي ڪيپر سنجو سيمسن هٿان ڪيچ ٿيو، شرفين ردرفورڊ 14 رنسون ٺاهي پانڊيا جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. روومين پاويل 34 ۽ جيسن هولڊر 37 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ويسٽ انڊيز 20 اوورن م 4 وڪيٽن جي نقصان تي 195 رنز ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو