اسحاق سومرو
ڪرد جنگجوئن طرفان هٿياربند ويڙھ کي ختم ڪري ڇڏيو. ڪردستان ورڪرز پارٽي سومر ڏينهن پنهنجي هٿياربند جدوجهد جي خاتمي جو باقائدھ اعلان ڪري ڇڏيو.ترڪي جي رياست جي خلاف چئن ڏهاڪن کان هلندڙ بغاوت جيخاتمي جو ڊرامائي اعلان ڪري دنيا کي حيرت م وجھي ڇڏيو.
ڪرد جنگجو گروپ، ڪردستان ورڪرز پارٽي، 1970 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ عبدالله اوڪلان پاران قائم ڪئي وئي هئي. پارٽي 1984 ۾ هٿيار کنيا، ترڪي جي سرزمين تي خوني حملن جو هڪ طويل سلسلو شروع ڪيو جنهن ۾چاليھ ھزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.ترڪي جي ساڍا آٺ ڪروڙ آبادي ۾ ڪردن جو تعداد ويھ سيڪڙو آھي.
ڪردستان ورڪرز پارٽي جي قيادت ھڪ اڻ ڄاڻ جڳھ تي هڪ تاريخي ڪانگريس کان پوءِ هڪ بيان ۾ چيو ته ھنن پنهنجي هٿياربند جدوجهد کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي “ڪرد مسئلي کي ھاڻي هڪ اهڙي نقطي تي پهچايو آهي جتي ان مسئلي کي جمهوري سياست ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو.
ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان فوري طور تي ويڙھاڪ ڪردن جي هن قدم جي تعريف ڪئي، ان کي ملڪ ۾ “امن ۽ ڀائيچاري کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ اهم فيصلو” قرار ڏنو۔
عبدالله اوڪلان، جيڪو امرالي نالي ٻيٽ جي جيل ۾ 1999کان قيد آهي، آڪٽوبر 2024 ۾ ھن هڪ خط ۾ پنهنجن ويڙهاڪن تي زور ڏنو ته اهي جتي آهن اتي هٿيار ڦٽا ڪن ۽ ويڙھ کي بند ڪن. هي اعلان ستن مهينن جي ڪم جو نتيجو هو ته جيئن ڊگهي عرصي کان بند ٿيل ڳالهين کي بحال ڪري سگهجي جيڪي آڪٽوبر ۾ شروع ٿيون جڏهن ت انقره مان اوڪلان کي غير متوقع طور تي زيتون جي ٽاري پيش ڪئي وئي ھئي.
ترڪي جي ڏکڻ اوڀر ۾ڪرد اڪثريتي مکيه شهر ”ديارباقر“ جي گهٽين ۾ جتي مقامي ماڻهن تشدد کي ختم ڪرڻ جي بار بار ڪوششن کي نظرانداز ٿيندي ڏٺو آهي، خبر جو احتياط سان استقبال ڪيو.
اسان چاهيون ٿا ته هي عمل اڳتي وڌي ۽ ان کي اڻپورو نه ڇڏيو وڃي. انهن کي، ”اسان ڪردن سان“ غداري نه ڪرڻ گهرجي جيئن ھو اڳ ب ڪندا رھيا آھن. اسان واقعي امن چاهيون ٿا، 60 سالن جي ڪارڪن فهري ساواس دنيا جي معتبر نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽ فرانس پريس (اي ايف پي ) جي نمائندي کي چيو.
عراقي ڪردستان جي اربيل واري علائقي ۾ به ساڳيو ئي جذبو ڏٺو ويو. جتي 55 سالن جي خالد محمد خبردار ڪيو: ”اسان صرف امن واري عمل جي حمايت ڪريون ٿا جيڪڏهن اھا سنجيده هجي ۽ بين الاقوامي ضمانتن سان گڏ هجي.
عبدالله اوڪلان جي اڳواڻي ۾ 1984 ۾ شروع ڪيل بغاوت، جيڪا بنيادي طور تي ھڪ آزاد ڪرد رياست لاءِ ھئي. جنھن ۾آڄ تائين يعني چاليھن سالن م 40 ھزار کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا آهن.
ڪردش ويڙهاڪ گروپجي باني اڳواڻ عبدالله اوڪلان جو ڏنل ويڙھ کي بند ڪرڻ جو سڏ جنهن پنهنجي گروپ کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي اعلان جا خطي لاءِ دور رس اثر پوڻ جا امڪان نظر اچي رھيا آھن. اوڪلان جو پيغام مختلف ڪرد هٿياربند ڌڙن خاص طور تي جيڪي اتر اوڀر شام ۽ اتر عراق ۾ قائم آهن ۾عمل ايندڙ مستقبل ۾ نظر ايندو.
اوڪلان جو بيان ممڪن طور تي علائقي جي سياسي ۽ فوجي ڪارواين کي نئين شڪل ڏئي سگهي ٿو.خاص طور تي وچ اوڀر ۾ سڀنيمڙني نظرياتي ۽ سياسي ڌرين جي ”غير رياستي عنصرن“ لاءِ برداشت ڪرڻ ھاڻي تيزي سان گهٽجي رھيو اھي . صرف ايران خطي ۾ غير رياستي مزاحمت جي حمايت ۾ اڪيلو نظر اچي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ بلوچ لبريشن آرمي ، ھڪ دلچسپ ڪيس آھي،جيڪا تنظيمڪرد جنگجو تحريڪ کان متاثر آهي.بي ايل اي شروعات ۾ مڪمل طور تي سيڪيولرآرگنائيزيشن رھي آهي ۽ پاڻ کي کاٻيڌر جي ورثي کي ڪجهه حد تائين برقرار رکڻ ۾ ڪاميابٿي آهي – جيتوڻيڪ ان جي ادب ۾ گهڻوڪجهه مارڪس يا ما ئو ازم ن رھيو آھي. ھاڻي صرف هڪ کاٻيڌر جي طرف جھڪندڙ بلوچ قوم پرستي واري ويڙھاڪ تنظيم آھي.
بي ايل اي هڪ نسلن قومپرست جنگجو گروپ آهي جيڪا کاٻي ڌر سان تعلق رکي ٿي.اھا دنيا جي 10 وڏين کاٻي ڌر جي عليحدگي پسند تحريڪن مان سڀ کان وڌيڪ سرگرم باغي گروپن مان هڪ آهي. کاٻي پاسي جھڪندڙ سيڪيولر عليحدگي پسند تحريڪون هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ پنهنجي نظرياتي ۽ سياسي فيصلن ۽ حڪمت عملين کي ڪم آڻينديون رھيون آھن.
اھڙي طرح کاٻيڌر جي بغاوتن ۾، بي ايل اي بنيادي طور تي ترڪي، شام، عراق ۽ ايران ۾ ڪردنجي جنگجو تحريڪن کان متاثر آهي ۽ انهن کي متوازي طور ڏسيٿي. هي اثر يقيني طور تي تڏهنوڌيڪ چٽو نظر آيو، جڏهن بي ايل اي پنهنجي هڪ عورت خودڪش بمبارڇوڪري جو نالو زالان ڪرد هڪڪرد عورت جي نالي تي رکيو،زالان جنهن 30 جون 1996 تي درسيم ۾ ترڪ سپاهين کي نشانو بڻائي خودڪش حملو ڪيو هو.
زالان جو اصل نالو محل بلوچ هو، جيڪا تربت يونيورسٽيبلوچستان ۾ ۾ قانون جيستين سيمسٽر جي شاگردياڻي هئي ۽ اصل ۾ گوادر جي رهواسڻ هئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بي ايل اي ان کي اهو نالو فيبروري 2023 ۾ ڏنو،بلوچستان لبريشن آرمي جو پاڪستانيفوج تي جيڪو آگسٽ 2024خودڪشحملو ڪيوويو ھو، اھو حملو پاڪستاني آرمي بيس تي ڪار بم ڌماڪوذريعي ڪيوويو ھن ڪيل حملي ان کان پوءِ، بي ايل اي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو ھو جيڪو هن حملي کان اڳمحل بلوچ رڪارڊڪرايو ھو. بلوچستان ۾ ته عورتن لاءِ گاڏي هلائڻ غير معمولي هو، ان ڪري جڏهن هوءَ فوجي اڏيڏانهن گاڏي هلائي رهي هئي.انھي خودڪش واقعي جوڪردن لا۽ ويڙھ ڪندڙ اتر ۽ اوڀر شام جي ڊيموڪريٽڪ آٽونمس ايڊمنسٽريشنتنظيم“- جنهن کي ”روجاوا“ پڻ چيو ويندو آهي بي ايل اي جي ان عمل کي ساراھيو ھو. روجاوا، بلوچ ۽ ڪرد جدوجهد جي وچ ۾ هڪجهڙائي کي اجاگر ڪيو.بي ايل اي ڪرد جنگجو گروپن پاران عورتن کي پنهنجي صفن ۾ شامل ڪرڻ کان تمام گهڻو متاثرٿيل آھي.انھي جو مثال بي ايل اي جي عورت ويڙهاڪن جا نالا ميڊيا جون سرخيون بڻجي رھيون آھن.
بي ايل اي تي اڪثرڪري تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽيٽي پي) سان لاڳاپن جوب الزام لڳايو ويندو آهي – هڪ اهڙو تعلق جيڪو ان جي کاٻيڌر جي نظرياتي ھئڻ جي نظرئي جي خلاف آهي. جڏهن ته بي ايل اي ۽ ٽيٽي پي جي وچ ۾ مبينا ڳٺ جوڙپڻ مبهم آهي.
اهڙيون تحريڪون مذهبي گروهن جي اثر کان پڻ متاثر نظر آيون آھن. خاص طور تي آپريشنل حڪمت عملي جي شعبي ۾. مثال طور، ٻين کاٻي ڌر جي ويڙهاڪ تحريڪن جي اثرن کان ، بي ايل اي پڻ القائده ۽ ٽي ٽي پي واري حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، جنهن ۾ ان جي ڪارروائين ۾ خودڪش بم ڌماڪن جو استعمال شامل آهي.
ھاڻي شايد اهڙو دور نه هجي، جتي مزاحمتي تحريڪون آساني سان ڪامياب ٿينديون. ڪولمبيا کان فلپائن تائين سبق سکي سگهجي ٿو، جتي کاٻي پاسي جھڪندڙ نسلي قومپرست تحريڪون جدوجهد ڪري رهيون آهن. ڪردن جي ويڙھاڪ پارٽي ”ڪردستان ورڪرز پارٽي“ جنھن کي (پي ڪي ڪي) چيو ويندو آھي اھا چاليھ سالن ۾ ڪنهن خاص فائدي کانسواءِ پاڻ ئي دنيا جي تيزي سان بدلجندڙ سياسي،اقتصادي، سماجي ۽ علاقائي صورتحال کي ڏسندي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. بي ايل اي، هن ڪلب ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم گروپ هجڻ ڪري، رياست سان مزاحمت جاري رکڻ واري پاليسي کي ڇا تبديل ڪري سگهي ٿي؟ اھو ايندڙ مستقبل جو اھم سوال ھوندو.










