ڪراچي(رپورٽر)نمائش چورنگي وٽ پوليس ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾هڪ ڀيرو ٻيهر چڪريون ٿيون آهن، پوليس جي شيلنگ سبب ڪارڪنن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته مڇريل ڪارڪنن پوليس وينز کي باهه ڏئي ڇڏي آهي، ڇڪتاڻ ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا آهن ۽ صحافين تي پڻ پٿراءُ ڪيو ويو آهي ايم اي جناح روڊ نمائش چورنگي وٽ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، پوليس تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ 7 ڪارڪنن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي نمائش ويندڙ سمورا رستا سيل ڪيا ويا آهن، حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ رينجرز جا اٽالا به گهرايا ويا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار ڪارڪنن ۾ هڪ معذور عورت به شامل آهي هوڏانهن گلشن حديد واري علائقي مان پي ٽي آءِ جي ٻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جي شيلنگ سبب صحافين کي ڪووريج ۾ تمام گهڻيون ڏکيائيون پڻ پيش اچي رهيون آهن










