ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)شيرشاھ گلبائي پل ويجھو اڻ ڄاتل ھٿياربندن جو چيني انجنيئر جي ڳاڏي تي فائرنگ، چيني انجنيئر زخمي، هٿيار بند فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا. 40 سالن جي چيني انجنيئر يونگ چينگ سينگ کي ٽي گوليون لڳيون جنهن کي جناح اسپتال پهچايو ويو. واقعي واري ھنڌ پوليس پھچي معائنو ڪيو پوليس مطابق اھو واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي ٿو جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.










