ڪراچي ۾ بجلي جو مسئلو عام مفاد جو آهي:حافظ نعيم

ڪراچي ۾ بجلي جو مسئلو عام مفاد جو آهي:حافظ نعيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ ماڻهو بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن سبب پريشان آهن مسئلو عام مفاد جو آهي چيف جسٽس پاڻمرادو ان کي ڏسي صحافين سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اسان جي وڪيل ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي سان درخواست ۾ دليل ڏنا بئنچ اسان جي 2015 جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي جنهن تي اسان ٿورائتا آهيون پر اسان کي هاءِ ڪورٽ وڃڻ لاءِ چيو ويو اسان سمجهون ٿا ته جهڙو اسان ذهن بڻائي ڇڏيو هو اهڙي ٻڌڻي نه ٿي هنچ يو ته سپريم ڪورٽ جي ريمارڪس جو احترام ڪريان ٿو عدالت اسان جي لاءِ خير جو جملو چيو پر ان سان ڪراچي جي عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا. اسان جي ساراهه ڪريو ۽ مسئلا حل نه ڪريو ته ڳالهه نٿي ٺهي ان سان تڪليف ٿئي ٿي حافظ نعيم الرحمان چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کان هي اپيل ڪريان ٿو ته ٺيڪ آهي اوهان هڪ قانوني طريقي سان اهو چئي ڇڏيو هاءِ ڪورٽ وڃو نيپرا وڃو سپريم ڪورٽ ۾ ته ڪراچي جي حوالي سان جيڪو ڪيس هلندو رهيو ان ۾ ان وقت جو چيف جسٽس ڪي اليڪٽرڪ بابت ريمارڪس ۽ عدالتي ڪارروائي جو مطالعو ڪري ته پتو پوندو ته ڪراچي جا ماڻهو ڪيترا پريشان آهن امير جماعت اسلامي چيو ته مان سمجهان ٿو ته چيف جسٽس پاڻمرادو ان کي ڏسي هي عام مفاد جو مسئلو آهي. حافظ نعيم چيو ته لوڊشيڊنگ غلط ٿي رهي آهي مهانگي بجلي ڪراچي کي ڏني پئي وڃي سڀ کان وڌيڪ بل هتي اچن ٿا اسان جي پٽيشن نجڪاري جي حوالي سان هئيپر ڳالهه هاڻي گهڻو اڳتي نڪري چڪي اهي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ وڌيڪ ٻڌني ڪري ها ته اضافي درخواست لڳايون ها جنهن ۾ اسان ٻڌايون ها ته بجلي پيداوار ۾اضافو ناهي ٿيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو