ملير( ڊ ر) سنڌ ۾ برساتن کان پوءِ آيل تباهي کي عوامي تحريڪ سنڌ حڪومت جي نااهلي ، بدانتظامي ، قدرتي لنگهن تي قبضا ۽ بندن کي روڻيون هڻي هٿرادو ٻوڏ قرار ڏيندي سپريم ڪورٽ کي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ذميوار سنڌ حڪومت،ڪامورن،وڏيرن ۽ قدرتي وهڪرن تي قابض بااثرن خلاف ڪارروائي جو مطالبوڪيو آهي ڪالھ عوامي تحريڪ جي ايڊوڪيٽ خالد تنيو، سنڌي مزدور تحريڪ جي زبير نوناري ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ پرھ سومرو ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي سنڌ ۾ هيستائين آيل برساتي۽ دريائي ٻوڏن جو جائزو ورتو وڃي ته 2010 کان هاڻوڪي 2022 جي برساتي ٻوڏ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي آهي جنهن ۾ سڄي سنڌ ٻڏي ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهون دربدر ٿي ويا آهن لکين گهر مال ملڪيتون تباھ ٿيون آهن تاريخ جي بدترين لڏپلاڻ ٿي آهي ان کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال سنڌ حڪومت جي نااهلي بدانتظامي ۽ ڪرپشن آهي جنهن ۾ ٻوڏ سٽيل متاثر ماڻهن جي ڪا به واهر نه ڪئي ويئي آهي ڪروڙين اربين روپين جي فنڊن جي وصولي باوجود متاثرن تي خرچ نه ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي هنن چيو ته عوامي تحريڪ ملير سميت مختلف علائقن ۾ حڪومت طرفان قائم ڪيل رليف ڪيمپن جو دورو ڪيو آهي جتي سهولتن ۽ کاڌ خوراڪ سميت سمورين ضرورتن جي بدترين کوٽ نظر آئي ماڻهن جي عزت نفس مجروح ڪئي پئي وڃي هزارين ماڻهون ايستائين ڪراچي ۾ اچي چڪا آهن جڏهن ته لکن جي تعداد ۾ ماڻهون وڌيڪ متاثر ٿي ڪراچي ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن مصيبت ماريل سنڌي ماڻهن کي ڪٿي ۽ ڪيئن آباد ڪري سندن واهر ڪجي ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ڪا به پاليسي نه جوڙي سگهي آهي انهن چيو ته عوامي تحريڪ پهرين ڏينهن کان وٺي پنهنجن خدشن جو اظهار ڪري عوام کي خبردار ڪري رهي آهي ته هو ڪنهن جو به آسرو نه ڪن پنهنجي همت حڪمت علي سان مصيبت کي منهن ڏين هن وقت ملير سميت ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ عام ماڻهن سياسي سماجي ڌرين جنهن سياسي شعور جو مظاهرو ڪندي وڏي تعداد ۾ امدادي ڪيمپون قائم ڪيون آهن ۽ پنهنجن ماڻهن جي واهر ڪن پيا انهن ۾ عوامي تحريڪ سڀني سياسي ڌرين کان اڳ آهي هنن چيو ته متاثرن کي اسڪولن ۽ ڪالجن ۾ آباد ڪرڻ بدران ڪراچي ۾ خالي پيل فليٽن يا وسيع ايراضي تي ٽينٽ سٽي ٺاهي اتي منتقل ڪيو وڃي ۽ سموريون سهولتون ڏنيون وڃن.










