ڪاچي ۾ ٻيهر برسات، گهارو  بند نه ٿيو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڪاچي ۾ ٻيهر برسات، گهارو بند نه ٿيو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

جوهي )رپورٽ منصور گاڏهي) ڪاڇي سميت کيرٿر جبل ۾ هڪ دفعو ٻيهر برساتن جو سلسلو جاري, آر ڊي پنجاھ وٽ ايف پي بند کي لڳل گهارو ست ڏينهن گذرڻ باوجود آبپاشي انتظاميا بند نه ڪري سگهي نئين گاج جو وهڪرو اچڻ سان يوسي ساوڙو ۽ ڪمال خان جا مختلف ڳوٺن کي ٻيهر ٻڏڻ جو خدشو متاثر ڳوٺاڻن پاران آبپاشي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڳوٺ مولوي نور محمد رودناڻي, عثمان چانڊيو جي رهواسين خدابخش چانڊيو, علي خان چانڊيو, عبدالشڪور, برڪت علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو آهي ته آبپاشي انتظاميا ايف پي بند کي هٿ سان ڪٽ ڏئي اسان کي ٻوڙيو ويو.

Photo Sindhyar

گذريل سال به اسان کي آبپاشي انتظاميا جي نااهلي سبب ٻوڙيو ويو آهي انهي جو ازالو ئي نه ٿيو ته هڪ دفعو ٻيهر اسين متاثر ٿي ويا آهيون ست ڏينهن گذرڻ باوجود ڪير به لڙي نه آيو مالي مدد ته پري جي ڳالھ رستو به بحال نه ٿي سگهيو ايمرجنسي ۾ بيمار ماڻهن کي اسپتال پهچائڻ ۾ ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ضلع انتظاميا ۽ چونڊيل نمائيندن به واهر نه ڪئي هنن وڌيڪ چيو ته ايف پي بند کي آر ڊي پنجاھ وٽ لڳل گهاري کي ست ڏينهن گذرڻ باوجود آبپاشي انتظاميا گهاري کي بند نه ڪرائي سگهيو ڪچي مٽي سان بند ٻڌي پٿرن سان پيچنگ به نه ڪرائي سگهي ٻي طرف  موسميات کاتي پاران هڪ دفعو ٻيهر برساتن جو امڪان ٻڌايو ويو ٻيهر گاج ندي پاڻي اچڻ سان ٻڏڻ جو خدشو آهي آبپاشي انتظاميا پاران ايف پي بند تي لڳل ايمرجنسي ڪيمپ تان عملو به ڊيوٽين تان غائب آهن  آبپاشي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي آفيسر ڪوڙن ڪاغذي بل ٺاھڻ ۾ مصروف آهن متاثر ڳوٺاڻن چيف جسٽس پاڪستان, نيب, ڊي جي ايف آء سميت اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته آبپاشي انتظاميا خلاف انڪوائري ٽيم جوڙي سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري آر ڊي پنجاھ وٽ ايف پي بند کي لڳل گهاري کي جلد بند ڪري اسان کي ٻيھر ٻڏڻ کان بچايو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو