ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌجيسيڪريٽريڪاليج ايجوڪيشن نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ کاتي جي ترقياتي، انتظامي، مالي ۽ آڊٽ معاملن بابت هڪ اهم جائزو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سرڪاريڪاليجن لاءِ فرنيچر، ڪمپيوٽرن ۽ ليبارٽري جي سامان جي خريداري، جاري ترقياتي منصوبن، ڀرتين، مالي معاملن ۽ آڊٽ بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مالي سال 2021ع کان 2025ع تائين سرڪاريڪاليجن لاءِ خريد ڪيل فرنيچر، ڪمپيوٽرن ۽ ليبارٽري سامان جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي سيڪريٽريڪاليج ايجوڪيشن نديم الرحمان ميمڻ سڀني لاڳاپيل پرنسپالن کان سامان وصول ڪرڻجا سرٽيفڪيٽ طلب ڪندي هدايت ڪئي ته فراهم ڪيل سامان جي مڪمل تصديق ڪري رڪارڊ جلد کان جلد کاتي ڏانهن اماڻيو وڃي، جيئن خريداري ۽ فراهمي جي عمل ۾ شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائي سگهجي. سيڪريٽري نديم ميمڻڪجههڪاليجن ۾ سامان جي غير موجودگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي اڳوڻنڊرائنگ اينڊڊسبرسنگ آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن کي فوري نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ ذميوار ڌرين خلاف قانون ۽ ضابطن موجب ڪارروائيڪرڻ جو حڪم پڻڏنو. اجلاس دوران سيڪريٽريڪاليجز نديم ميمڻ بنيادي سهولتن، انفراسٽرڪچر ۽ ضرورتن بابت سرڪاريڪاليجن جو جامع ڊيٽابيس تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي مقرر وقت اندر سمورن ڪاليجن کان گهربل معلومات گڏڪرڻ جو حڪمڏنو، جيئن مستقبل جي ترقياتي منصوبابندي ادارن جي حقيقي ضرورتن ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي ڪري سگهجي. سيڪريٽريڪاليجز نديم ميمڻ پٺتي پيل آڊٽ اعتراضن جي جلد از جلد نبيرڻ لاءِ سڀني ريجنل ڊائريڪٽرن کي جامع جواب تيار ڪرڻ، سرڪاريڪاليجن جو اندروني آڊٽ مڪملڪرڻ ۽ ڊي اي سي ۽ پي اي سي سان لاڳاپيل معاملن کي وقت سر مڪملڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. ساڳئي وقت کاتي ۾ جاري ڀرتين جي عمل جو جائزو وٺندي هن هدايت ڪئي ته جن علائقن ۾ اسڪروٽني مڪملٿي چڪي آهي، اتي ڀرتين جا ايندڙ مرحلا فوري طور شروع ڪيا وڃن، جيئن ميرٽ، شفافيت ۽ بروقت مقرريون يقيني بڻائي سگهجن. اجلاس ۾ اسپيشل سيڪريٽريڪاليج ايجوڪيشن فرخ شهزاد قريشي، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز پروفيسر زاهد حسين راڄپر،ڊائريڪٽرڊولپمينٽ انجنيئر سجاد علي ابڙو،ڊپٽيڊائريڪٽر سعيد احمد ابڙو، ريجنل ڊائريڪٽر پروفيسر گلاب راءِ ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي ٻين سينيئر آفيسرن شرڪتڪئي، جڏهن ته صوبي جي سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن آن لائن اجلاس ۾ شرڪتڪئي. اجلاس جي پڄاڻي تي سيڪريٽريڪاليج ايجوڪيشن نديم الرحمان ميمڻ ان عزم جو ورجاءُڪيو ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ شفافيت، احتساب، ميرٽ، مالي نظم ۽ ضبط ۽ بروقت عملدرآمد کي هر سطح تي يقيني بڻايو ويندو. هن سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجون ذميواريون قانون ۽ ضابطن موجب ايمانداري ۽ پيشيوراڻي ذميواري سان نڀائين، جيئن کاتي جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ مؤثر، شفاف ۽ عوامي اميدن مطابق بڻائي سگهجي.










