اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي سان ڳالهين ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، ۽ ڪنهن به (تڪڙي) قدم کان پاسو ڪرڻ لاءِ چيو آهي.فضل الرحمٰن ڪالعدم ڪميٽي کي پيغام ڏنو ته بلاول ڀٽو زرداري پڻ مسئلي جي حل لاءِ مصروف آهي، کيس حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪجهه مهلت گهرجي.هن چيو ته بلاول چاهي ٿو ته خون خرابو ۽ فساد نه ٿين.جي يو آئي جي سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڪاري اڳڀرائي ڪشمير، پاڪستاني ۽ ڪشميري عوام جي وچ ۾ گڏيل اعتماد لاءِ انتهائي ضروري آهي.










