کنڊ قيمت ۾ تيزي شوگرملز ايسوسيئيشن جو وزيراعظم کي خط

کنڊ قيمت ۾ تيزي شوگرملز ايسوسيئيشن جو وزيراعظم کي خط

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان شوگرملز ايسوسيئيشن کنڊ جي اگهن واري معاملي تي وزيراعظم عمران خان جي نالي خط لکي ڇڏيو آهي.پاڪستان شوگرملز ايسوسيئيشن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي حڪمن تي ڪريشنگ 30 نومبر کان 15-20 ڏينهن اڳ شروع ڪئي وئي. ڪمند مان ٿيل ريڪوري انتهائي گهٽ رهي ۽  ملڪ 3 لک ٽن کنڊ کان محروم ٿيو آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت يقين ڏياريو آهي ته مڊل مين کي وچ ۾ رنڊڪ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. چيو ويو هو ته 200 روپيه في مڻ ڪمند جا اگهه يقيني بنايا وڃن پر سمورن صوبن جي ڪين ڪمشنر مڊل مين جو ڪردار ختم ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام رهيو. خط ۾ وڌيڪ چيو  ويو آهي ته ڪمند جي في مڻ قيمت 270 کان 300 روپين تائين پهچي چڪي آهي.عوام کي کنڊ 75 روپيه في ڪلو جي ريٽ تي ملي سگهندي پر کنڊ جي قيمت هڪ دفعو ٻيهر 100 روپيه ڪلو کان مٿي وڃڻ جو امڪان آهي. خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته چاهيون ٿا ته کنڊ جي قيمت هيٺ آڻي سگهجي. وزيراعظم شوگرملز کي ڪمند جي حڪومتي مقرر ڪيل قيمت تي فراهمي يقيني بنائي.

پهنجو تبصرو موڪليو