اسلام آباد (بيورو رپورٽ): صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪشميري عوام جي جدوجهد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن (اقوامِ متحده) جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي. صدرِ مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته ’پاڪستان سان الحاق جو ڏينهن‘ ڪشميري عوام جي تاريخي امنگن جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستان ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ روحاني رشتا مضبوط آهن.صدر آصف زرداري چيو ته ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جو احترام ناگزير آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي، عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڌيان ڏئي. هن چيو ته گڏيل قومون پنهنجن ٺهرائن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪن، پاڪستان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڪشميري عوام جي ناقابلِ تنسيخ حقِ خوداراديت جي حمايت پاڪستان جي مستقل پاليسي آهي. صدر آصف زرداري چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي ڄمون و ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل سان وابسته آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سان الحاق جو ڏينهن هر سال 19 جولاءِ تي ان تاريخي قرارداد جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جيڪا 19 جولاءِ 1947ع تي سرينگر ۾ ڪوٺايل آل ڄمون اينڊ ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي اجلاس ۾ متفقہ طور تي منظور ڪئي وئي هئي. هن چيو ته هيءَ متفقہ قرارداد ننڍي کنڊ جي تاريخ جي هڪ فيصلاڪن مرحلي تي ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن جي اجتماعي سياسي امنگن جي آئينه دار هئي، ان قرارداد ۾ رياست جي پاڪستان سان الحاق جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو هو ۽ ڊوگرا حڪمرانن تي زور ڏنو ويو هو ته اهي عوام جي خواهشن جو احترام ڪن، هيءَ قرارداد اڄ به ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي جدوجهد جو هڪ اهم تاريخي سنگِ ميل سمجهي ويندي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هي ڏينهن پاڪستان ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام وچ ۾ موجود انهن مضبوط ۽ پراڻن رشتن جي به عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي، ثقافت، جغرافيائي ۽ هڪٻئي سان وابستگي تي ٻڌل آهن. سڀ کان وڌيڪ، هي ان بنيادي اصول کي نمايان ڪري ٿو ته ڪشميري عوام جي آزاديءَ سان ظاهر ڪيل خواهشن ۽ امنگن جو احترام ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ناقابلِ تنسيخ حقِ خوداراديت جي اصولي حمايت تي قائم آهي. ڄمون ۽ ڪشمير جو اڻ حل ٿيل تڪرار اڄ به خطي جي امن ۽ سلامتي تي گهرا اثر وجهي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن هن تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي.










