ڏيوالي ٿيڻ کان ڪو نٿو بچائي سگهي

ڏيوالي ٿيڻ کان ڪو نٿو بچائي سگهي

طفيل مگسي
ملڪي سياسي ماحول ۾ اهو بحث گرم آھي ته سازش ٿي يا نه؟ سازش آهي يا مداخلت ؟.اليڪشن ستت ٿيڻ گهرجي.اليڪشن وقت تي ٿيڻ گهرجي؟.تيل قيمت خان جي سبب کان وڌي.تيل جون قيمتون موجوده حڪومت چو وڌايون وغيره وغيره؟؛؛؛ .ليڪن سوال اهو آھي ته اليڪشن وقت کان اڳ ٿيڻ کپي يا وقت تي.مگر سوال اهو آھي ته ملڪ معاشي طور تي ڪنهن دنگ تي پهچي چڪو آھي.ان جو ڪنهن وٽ ڪهڙو حل آھي؟ اهو جيڪو سدائين ملڪ جي سلامتي خطري ۾ ٻڌائي ڪري پمهنجا مقصد حاصل ڪندا هئا.هينئر ڇوخاموش آھن حالانڪ هينئر ملڪي سلامتي واقعي خطري ۾ آھي ۽ خاموش ان ڪري آھن ته ان مامري ۾ ڳالهائڻ تي انهن جا روزگار ۽ داداگيري جي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي.ليڪن جيڪڏھن انهن عقل کان ڪم وٺي ڪري اڄ اهي پنهنجا خرچ گهٽ نه ڪندا ته ٿي سگهي ٿو سڀاڻي پاڻ ئي بند ٿي وڃي. فرض ڪيو ته اليڪشن ٿي وڃي ۽ ڪير به اچي وڃي ۽ وڏي اڪثريت سان ئي ڇو نه اچي وڃي انهيء نظام جي تحت ساڳئي ء طرز تي معشيت هلائڻ سان ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان نٿو بچائي سگهجي.ڇوته ڪو جيڪڏھن چئي ته ڪنهن صعتي يا زرعي انقلاب سان معشيت کي بهتر بڻائجي ۽ پوء ٻاهرين قرضن جون قسطون آساني سان ادا ڪريون ته اهو مستقل حل ته ناھي.ليڪن ان جي حاصلات ڏانهن موجوده معاشي حالت ۾ وڌڻ مشڪل آھي ۽ جيڪڏھن وڌي به وڃي ته ان ۾ ايترو وقت لڳندو ته ان جي حاصلات جي لاء ملڪ جو ڏيوالو ٿي ويندو.
پوء ڇا ان جو حل صرف اهو آھي ته عوام تي بار بار پيٽرول جو بم ڪيرايو وڃي يا وري بجلي ۽ گئس جا ميزائيل هنيا وڃن.ڇا ان صورتحال کان نڪري سگهجي ٿو؟ قطعي نه.ڇوته اهو فارمولو ته آزمايل آھي ۽ ان کان ڪڏھن معشيت ٺيڪ ناهي ٿي ته پوء ڇا ڪرڻو پوندو ؟ ان جي لاء وڏا ڇرڪائيندڙ نه بلڪ اهي فيصلا ڪرڻا پوندا جن کان ڪجه ماڻھن جا حوصلا خطا ٿي وڃن ٿا.اهي قرض وٺي انهيء عوام تي ته خرچ نٿا ڪيا وڃن .پر جيڪڏھن انهن کي منصوبي سان گڏ پيداواري مامرن مثلا زراعت.ٽوريزم جي ترقي بجلي جي پيداوار تي خرچ ڪيو وڃي ته اهي مقرر وقت کان پنهنجن قسطن کان وڌيڪ پيداوار ڏئي سگهن ٿا.مگر بدقسمتي سان ان کي غير پيداواري ڪمن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.سخت فيصلا ته ڪيا وڃن ٿا.ليڪن اهي سخت فيصلا اميرن جي لاء نه بلڪ غريب عوام جي لاء ڪيا وڃن ٿا.جيڪڏھن هيٺ پيش ڪيل سخت فيصلا عوام تي ٻوجه وجهڻ جي بجاء بهتر نظام جي لاء ڪيا وڃن ته ڏيوالپڻي جي ان صورتحال کان نڪرڻ ڪا مشڪل ڳاله ناهي.
ان جي لاء خساري جي بجيٽ بنائڻ واري سوچ ڇڏڻي پوندي ۽ خساري جو هڪ حصو انهن معاشي فيصلن سان ڪرڻو پوندو.
دفاعي بجيٽ ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي ڪرڻي پوندي جنهن ۾ غير جنگي سرگرمين کي ختم يا گهٽ ڪرڻو پوندو.اميرن تي ٽيڪس وڌائڻو پوندو .زرعي ٽيڪس هڻڻو پوندو ۽ ٽيڪس جي نظام کي سخت ۽ شفاف بڻائي ڪري ٽيڪس چورن ۽ چوري ڪرڻ وارن کي پڪڙ ۾ آڻڻو پوندو.
ڪرپشن جي خاتمي جي لاء مٿي کان هيٺ تائين هڪ مضبوط نظام بنائڻو پوندو .جنهن ۾ رياستي وسيلن جي ليڪيج ختم ٿيئي.ٻن اربن ۾ ٺھڻ واري فلائي اوور جي بجيٽ چار ارب بنائڻ ۽ اها به بيڪار هوندي آھي.يعني اوهان جنهن بجيٽ ۾ جيترو ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا اهي ان جي اڌ بجيٽ ۾ ٿي سگهن ٿا.غير ضروري شين جي درامد جي اها مڪمل پابندي لڳائڻي پوندي .موجوده حڪومت ته اعلان ڪري ڇڏيو آھي.ليڪن موجوده نظام ۾ جن جا روزگار اهي ئي آھن انهن جي موجودگي ۾ ان تي عمل ڪرائڻ مشڪل آھي.ليڪن ان فيصلي کي سخت ۽ موثر بنائڻ ضروري آھي.
حڪومتي خرچ .اميرن.وزيرن ۽ بيوروڪريسي جا پروٽوڪول گهٽ ڪرڻا پوندا ۽ عام زندگي ۾ ڪفايت شعاري جو رويو اپنائڻو پوندو.مثلا ذاتي گاڏين جي بجاء پبلڪ گاڏيون استعمال ڪرڻ.چانه پيئڻ بند ڪرڻ وغيره جن کان اربين روپيا بچائي سگهجن ٿا.
ان کانسواء آمدني وڌائڻ جي لاء ڊگهن نتيجن وارا فيصلا به ڪرڻا پوندا.مثلا زرعي سڌارن جي لاء زراعت کي جديد طريقن تي وجهي ڪري پيداوار وڌائڻ.مائننگ خاص ڪري تيل ۽ گيس جا ذخيرا دريافت ڪري انهن کي ڪڍڻ تي ڌيان ڏيڻ ۽ ٽوريزم کي واڌ ڏيڻ.جيڪڏھن اهو سڀ نه ڪري سگهنداسين ته يقينن ملڪ جو ڏيوالو ٿي ويندو.توهان سوچي رهيا هوندو ته اهي ناممڪن ڳالهيون آھن.جي ها موجوده نظام.موجوده حڪمرانن ۽ امير پارٽين سان گڏ اهو ممڪن ناهي بلڪ اهي فيصلا محنت ڪش ۽ عام عوام جي ڪا پارٽي ئي حل ڪري سگهي ٿي.جنهن کي انقلاب سڏيو وڃي ٿو ياويندو آھي؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو