ڏوهن جي روڪٿام بابت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي رپورٽ وڏي وزير کي پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن بابت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 80 واقعا رپورٽ ٿيا جن ۾ 19 موبائيل/نقدي چوري، 2 ڪارون ڦر، هڪ موٽرسائيڪل چوري ۽ 58 ٻيون چوريون شامل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مزاحمت دوران ادريس پٽ امام بخش (پي ايس گلشن اقبال، ضلع اوڀر) نالي هڪ شهري زخمي ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوليس 4 مقابلا ڪيا جنهن دوران ڏوهن سان لاڳاپيل 8 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته 3 اسٽريٽ ڪرمنل/چورن کي واقعي واري هنڌان پڪڙيو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته مجموعي طور 95 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. جنهن ۾ 48 اسٽريٽ ڪرمنل/ ڦورو، هڪ قاتل، 15 غير قانوني هٿيار رکندڙ، 11 منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث 20 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس مختلف ڇاپن/آپريشن ۾ 16 غير قانوني هٿيار، 2 ڪلو چرس، 17 چوري ٿيل موبائيل ۽ 5 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو