ڏاندن جو ڊوڙ، ڪمانڊو ۽ جيئي سنڌ ميدان ماري ويا

مورو (رپورٽ مورائي اياز سولنگي) دادو مورو پل وٽ سنڌ جي مشهور بزرگ هستي پير سول سرڪار اول جو ساليانو ٽن ڏينهن جو ميلو لڳايو ويو ، جنهن ۾ سنڌ جي ڀلوڙ ڏاندن جي جوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرايا ويا، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن نوابشاھ، دادو، نوشهرو فيروز ۽ مورو جا ڪيترائي شوقين پنهنجي ڏاندن کي سينگاري پهتا، جنهن ۾ حاجي غلام رسول چنڊ جو ڪبوتر ڏاند، ممتاز علي جيسر جو ڀورل ڏاند، محمد رمضان لنڊ جو يار بادشاھ، محمد حسن عالماڻي جو جيئي سنڌ، غلام نبي نونڌو جو ڪمانڊو، حڪيم ماڇي جو دلبر ڏاند، غلام الله سومرو جو واسينگ ڏاند، وڏيرو نبي بخش ڏاهري جو ڏاند، حمير خاصخيلي جو ڏاند، حاجي حيدر لغاري جو ڏاند، وزير علي لغاري، غلام حسين ملاح جي ڏاندن جي جوڙن جو سخت مقابلو ٿيو. جنهن ۾ پهرين نمبر تي غلام نبي نونڌو جو ڪمانڊو ڏاند، حسن عالماڻي جو جيئي سنڌ ڏاندن جي جوڙن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، ان موقعي تي ڏاندن جي ڊوڙ جي صدارت ڪندي درگاھ پير سول سرڪار جي گادي نشين پير سول سرڪار ٻه پاران ڏاندن جي مالڪن ۽ سوارن کي نقد انعام ڏئي هار پارايا ويا.

انهي ميلي ۾ سون جي تعداد ۾ ڏاندن جا شوقين پهتل هئا جيڪي ڀلن ڏاندن مٿان گهور گهوريندي دهلارين تي نوٽن جي ورکا ڪندا رهيا. ان موقعي تي ڏاندن جي ڊوڙ ڪرائيندڙ  خفتين غلام نبي نونڌو، محمد حسن عالماڻي، محمد رمضان لنڊ چيو ته ڏاندن جي ڊوڙ اسان جو ثقافتي ورثو آهي سنڌ ۾ سوين سالن کان وٺي ڀلن ڀلن ڏاندن جي ڊوڙن جا ميلا لڳايا ويندا آهن، هي ڏاندن جا ميلا درگاھ ڀٽ شاھ، درگاھ ساجن سوائي، شمن سرڪار سميت ٻين بزرگن جي ميلن تي پڻ اسان ڏاند ڪاهي ميلي جي ڊوڙن ۾ شامل ٿيندا آهيون. هنن وڌيڪ چيو ته ڏاندن کي اسان پنهنجي پٽن وانگر پاليندا آهيون جنهن ۾ کين سنڌي گيهه، مکڻ، ڏارا سرنهن جو تيل سميت مختلف چارا کارائيندا ۽ پياريندا آهيون روزانو ڏاندن کي ڊوڙائڻ جو مشڪون پڻ ڪرائيندا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو