ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن ڌرتي جو نئون تَهُه ڳولي لڌو آهي ۽ دنيا کي هاڻي ٽيڪسٽ بوڪ ۾ تبديلي ڪرڻ پوندي ته ڌرتي جا 4 تهه ناهن. ٿي سگهي ٿو 5 يا 6 تهه هجن. سائنس الرٽ ڊاٽ ڪام ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڌرتي جي اندروني تهه جنهن کي اِنر ڪور چيو ويندو آهي ان اندر به تهه آهن.هن مهل تائين سائنسدانن ٻڌايو هو ته ڌرتي جا ڪل 4 تهه آهن، جن ۾ ڪرسٽ Crust، مينٽل Mantle، آئوٽر ڪور Outer core۽ انر ڪور Inner coreشامل آهن. ڌرتي جو اندروني يعني انر ڪور گرم ترين آهي جتي 5000 ڊگري گرمي جو پَدُ يا ٽيمپريچر آهي. آسٽريليا جي نيشنل يونيورسٽي جي جيو فزسٽ جون اسٽيفنسن جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته انر تهه اندر اڃا ٻه تهه ٻيا هجن ۽ اسانکي پنهنجا ٽيڪسٽ بڪ تبديل ڪرڻا پون. تفصيلي تحقيقي رپورٽ پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.










