ڊچ ڳائڻي ”پاسوري“ جي ديواني نڪتي ، وڊيو وائرل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)هالينڊ جي ڊچ ڳائڻي ايما هيسٽرز پاڪستاني گيت ”پاسوري“ انتهائي خوبصورت انداز ۾ ڳائي سوشل ميڊيا تي خوب دھوم مچائي ڇڏي.ڪڪ اسٽوڊيو سيزن 14 جو گاني پسوري پاڪستان ۽ ڀارت ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو هو ۽ هاڻي هن گاني يورپ ۾ به مقبوليت حاصل ڪري ورتي آهي. ايما هيسٽرس جي آواز ۾ پسودي تمام گهڻو مشهور آهي، خاص ڪري ڊچ ڳائڻي کي سندس پنجابي لهجي جي شاندار پرفارمنس تي ساراهيو پيو وڃي ۽ مختلف تبصرا پڻ ڪيا پيا وڃن. ياد رهي ته هن گاني کي مشهور گلوڪار علي سيٺي ۽ ڳائڻي شايان گل ڳايو آهي جڏهن ته هن گاني جا بول علي سيٺي ۽ فضل عباس لکيا آهن ۽ ڪمپوزيشن زلفي ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو