ڪراچي (رپورٽر): ڊيفينس جي خيابانِ سحر اسٽريٽ 13 ۾ قديمي زيرِ زمين آئل لائين ليڪ ٿيڻ سبب خام تيل سڙڪ تي پکڙجي ويو. پوليس ۽ ڊي ايڇ اي وئجيلنس ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي روڊ کي آمدورفت لاءِ بند ڪري ڇڏيو. نيشنل ريفائنري پاران آئل جي سپلاءِ روڪي لائين جي مرمت ۽ بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.










