ڊاڪٽر اسلم آزاد ھمت ۽ حوصلي جو اھڃاڻ

ليکڪ نديم ميمڻ
20 ڊسمبر 1991 تي روڊ حادثي سبب ھڪ ئي بستري تي معذوري واري زندگي گھاريندڙ ڊاڪٽر اسلم آزاد کي اڄ 31 سال مڪمل ٿي ويا آھن. 31 سالن کان حادثي ۾ ڪرنگهي ھڏي ٽٽڻ سبب مفلوج بڻجي بستري تي پيل ناميارو سماجي، سياسي ورڪر، صحافي، ڪالم نگار، ليکڪ ڊاڪٽر اسلم آزاد معاشري لاءِ اتساھ جو سبب بڻيل آھي. 1991 ۾ جاتي روڊ تي پيش آيل حادثي ڊاڪٽر اسلم آزاد جي لاءِ خوفناڪ ثابت ٿي سندس خوابن کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. جسماني طور مفلوج بڻجي وڃڻ باوجود ڊاڪٽر اسلم آزاد ھمت ۽ حوصلي سان معاشري لاءِ اتساھ جو اھڃاڻ بڻيل آھي. ڊاڪٽر اسلم آزاد جي زندگي جي عروج جو سج جنهن ڏينهن لهي ٿو اها تاريخ 20 ڊسمبر 1991ع جي نڀاڳي شام هئي، انهي ڏينهن به انسانن جو احساس رکندڙ پنهنجي ڳوٺ تڙ خواجا ۾ ميڊيڪل ڪئمپ تي ڏکايل بيمارن جي خدمت ڪري واپس موٽي رهيو هو، ته جاتي روڊ تي سخي بادشاھ اسٽاپ وٽ سندس ڊاٽسن ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري واھ ۾ ڪري پئي، جنھن سبب ھڪ شخص نالي نور علي خواجا تڏي تي فوت ٿي ويو، باقي 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن ۾ ڊاڪٽر اسلم به شامل هو، 13 ڄڻا زخمي ته صحت مند ٿي زندگي نئين سر شروع ڪري ڇڏي پر ڊاڪٽر اسلم آزاد جي ڪرنگهي جي هڏي ۽ ڪنڌ جي نس ٽٽڻ ڪري اڄ تائين ھو بستري جي حوالي ٿيل آھي. سندس ڪنڌ کان وٺي هيٺ تائين سمورو جسم مفلوج ٿي ويو آهي. جنهن ڪري مٿس ويٺل مک کي اٿارڻ ۾ به سندس جسماني وس نٿو هلي. کيس ڏسندڙ اکيون تڏهن حيران ٿي پونديون آهن جڏهن ڊاڪٽر اسلم آزاد کين مخاطب ٿيندو آهي، ڊاڪٽراسلم سان ملاقات دوران جيڪي گھمندڙ ڦرندڙ، صحتمند ماڻهو خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهن تہ ڊاڪٽر اسلم آزاد جي ڄاڻ ڪرنٽ افيئرس تي نظر ۽ ان تي سندس تجزئي ۽ تبصرن کي ٻڌي پاڻ کي سندس اڳيان بونا محسوس ڪندا آھن.
جتي ڪيترا ماڻهو معمولي بيماري جي خوف کان ذهني منجهارن جو شڪار ٿي چريائپ واري زندگي گذاريندي حياتي جا ڏينهن گذاري ويندا آهن، اتي ڊاڪٽر اسلم آزاد پنهنجي جسماني چرپر کان لاچار هوندي به ذهني طور هڪ وڏو اديب، شاعر، ۽ دانشور شخص طور اڀريو آھي. پنهنجي مفلوج حالت کان بي نياز ڊاڪٽر اسلم آزاد دنيا، ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال کان نہ صرف باخبر آهي پر ايندڙ وقت جي سڄي صورتحال جو ٺيڪ ٺاڪ تجزيو پڻ ڪري پنھنجي اھميت مڃرائي رھيو آھي. سچ پچ تہ ڊاڪٽر اسلم آزاد 31 سالن کان بستري تي پيل ھجڻ باوجود بہ ھن وقت اللہ تعالیٰ جي نعمتن مان مستفيد ٿيندڙ فردن کان وڌيڪ چاق و چوبند، بھتر سوچيندڙ، معاشري لاءِ ڪارامد فرد آھي. ڊاڪٽر اسلم جي جسماني حالت جيتوڻيڪ ڪنھن الميي کان گھٽ نہ آھي پر قدرت طرفان کيس بخشيل دماغي طاقت، ھمت ۽ حوصلو قسمت وارن کي نصيب ٿيندو آھي.
ڊاڪٽر اسلم آزاد 30 آگسٽ 1965ع تي جاتيءَ ۾ جنم ورتو. جاتيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪري، سجاول جي ڪاليج مان انٽر ڪيائين. جنهن کان پوءِ ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻوڪي يونيورسٽيءَ) مان حاصل ڪري، اتي ئي هائوس جاب ڪرڻ لڳو. ادبي دنيا ۾ هن 1981ع کان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان آغاز ڪيو . سنگت ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. کيس ادب کان سواءِ حالات حاضره سان گھڻي دلچسپي رهي ۽ صحافت ۾ به اڳڀرو رهيو مختلف تنظيمن ۾ رهيو. شخصيتن کان انٽرويو ورتائين، ڪالم لکيائين. هن ڄامشوري مان پندرهن روزه اخبار ”آواز“ به جاري ڪئي هئي، جنهن جو پاڻ چيف ايڊيٽر هو، 1991ع ۾ هائوس جاب دوران هڪ فلاحي اداري جي مدد سان ڪنهن ڳوٺ ۾ طبي ڪئمپ لڳائڻ جي سلسلي ۾ ساٿين سان گڏ ويو، واپسيءَ ۾ تڙ خواجا کان سجاول ڏانهن ايندي ٽرئفڪ حادثي ۾ سندس ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي، جنهن جو علاج هن ملڪ جي وڏين اسپتالن مان ڪرايو. پر پوريءَ طرح ٺيڪ ٿي نه سگهيو آهي ۽ اڄ تائين وڏيءَ همت سان ان تڪليف سان منهن ڏيندو پيو اچي. مطالعي جو ذوق رکندڙ ڊاڪٽر اسلم آزاد هن وقت سجاول ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتان جي سماجي، ادبي توڙي سياسي پروگرامن ۾ پاڻ کي وِيل چيئر تي به کڻائي شرڪت ڪندو رهي ٿو. کيس ڏسي انسان جي عظمت ۾ پڪو يقين ٿي وڃي ٿو.
ڊاڪٽر اسلم آزاد سان پيش آيل حادثي کان پوءِ سندس ڀيڻ پنھنجي ڀاءُ جي خدمت لاءِ پنھنجي مڱڻي ٽوڙي پاڻ کي ڀاءُ جي خدمت لاءِ وقف ڪري قرباني ۽ ايثار جو مثال قائم ڪري ڇڏيو آھي. حادثي ۾ زخمي ٿي بستري ڀيڙو ٿيل ڊاڪٽر اسلم آزاد جو چوڻ آھي تہ مون ڪيترائي ڀيرا کيس سمجھايو پر ھوءَ نہ مڃي ۽ پنھنجي مڱڻي ٽوڙي ڇڏي. ڊاڪٽر اسلم جي ڀيڻ جي پنھنجي ڀاءُ لاءِ ڏنل قربانيء ڀيڻ جي ڀاءُ سان محبت جو بھترين مثال قائم ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن تہ ڊاڪٽر اسلم جي مڱيندي ۽ سندس محبت پڻ حادثي ۾ زخمي ٿي مفلوج ٿيڻ کان پوءِ ٻئي ڪنھن سان شادي کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ھو پر ڊاڪٽر اسلم آزاد جي گھڻي سمجھائڻ کان پوءِ ھن اھو فيصلو واپس وٺي پنھنجو گھر وسائي ڇڏيو. ڊاڪٽر اسلم آزاد جو چوڻ آھي ته محبت شادي جي محتاج نہ ھوندي آھي ساڻس پاڪ محبت اڄ بہ قائم آھي ۽ ھميشه رھندي. ڊاڪٽر اسلم آزاد جھڙي طرح پنھنجي جسماني کي معذوري کي خاطر ۾ نہ آڻيندي زندگي جا قيمتي 31 سال ھڪ ئي بستري تي گھاري خدا پاران بخشيل زندگيءَ مان ڪڏھن بہ نااميدي جو اظھار ڪرڻ تہ پري رھيو پر مايوسيءَ جو به اظھار نہ ڪيو آھي اھو ھن کي ھڪ بلند حوصلي ۽ باھمت شخص ثابت ڪري ٿو. سندس اھو حوصلو ۽ ھمت جنھن جي اڳيان جبل بہ سر نمائندي نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر اسلم آزاد جي زندگي اسان ڏکين حالتن ۾ زندہ رھڻ ۽ زندہ رھي ڪري معاشري لاءِ ڪارامد فرد بڻجڻ جو سبق ڏئي ٿي. سنڌ سرڪار کي بہ گھرجي تہ ڊاڪٽر اسلم آزاد جي زندگيءَ جي باري ۾ سبق نصاب ۾ شامل ڪري نئين نسل کي ان کان روشناس ڪرايو وڃي۔ ahaqnadeem@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو