ڊاڪٽرن جي ڀرتين ۾ گهپلو، ڪميشن کي نوٽيس جاري

ڊاڪٽرن جي ڀرتين ۾ گهپلو، ڪميشن کي نوٽيس جاري

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سال 2018 ۾ ميڊيڪل آفيسرن جي ڀرتي ۾ گهپلن خلاف درخواست تي هاءِ ڪورٽ حيدرآباد پاران وفاقي سيڪريٽري صحت کاتو، چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، ڪنٽرولر اگزيمينيشن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ رجسٽرار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ايندڙ تاريخ تي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. درخواست گذار عاصمه مخدوم چيو آهي ته انٽرويوز ۾ وڏي پيماني تي ٿيل گهوٻين، ميرٽ جي لتاڙ ڪندي پنهنجا نوازڻ واري پاليسي تي عمل ڪيو ويو ۽ ميرٽ جو ڳلو گهٽيو ويو. درخواست گذار جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو ڪورٽ سڳوري ۾ دليل ڏيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي ڪرپشن ۽ سياسي ونگار سبب ڏيهان ڏيھ مشهور ٿي چڪي آهي. ميرٽ جي لتاڙ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سمورن ڪرپشن جي گاڊ فادرز کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. وڪيل  وڌيڪ دليل ڏيندي چيو ته سال 2018 ۾ ميڊيڪل آفيسرز جي ڪل 1783 پوسٽن لاءِ اشتهار جي ذريعي اعلان ڪيو هو جنهن ۾ 1337 جايون ميل ميڊيڪل آفيسرن لاءِ ۽ 446 جايون وومين ميڊيڪل آفيسرن لاءِ اعلان ڪيو ويو هو. هزارين اميدوارن لکت ۾ امتحان ڏنو پر پاس رڳو 477 ٿيا. انهن مان 302 اميداوار انٽرويو ۾ پاس ٿيا ۽ 1035 جايون خالي رهجي ويون جڏهن ته وومين ميڊيڪل آفيسر جي ڪل 446 جاين لاءِ 1046 اميدوار لکت واري امتحان ۾ پاس ٿيا جن مان 434 اميدوار انٽرويو ۾ پاس ٿيا ۽ 12 جايون خالي رهجي ويون. خالي جاين کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ ڀيرو ٻيهر سال 2019 ۾ اشتهار ذريعي غير قانوني طريقي سان صرف مرد اميدوارن کي صرف انٽرويو لاءِ گهرايو ويو جن کان نه لکت جو امتحان ورتو ويو نه ئي ٻي ڪا ضروري قانوني گهرج پوري ڪئي وئي. وڪيل سجاد احمد چانڊيو ڪورٽ سڳوري کي آگاھ ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتهائي ناقص ڪارڪردگيءَ سبب سال 2017 ۾ سپريم ڪورٽ سوموٽو نوٽيس ذريعي ان وقت ورتل سمورن امتحانن کي رد ڪندي حڪم ڏنو هو ته امتحانن ۾ حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن جون لکت توڙي انٽرويو واري امتحان ۾ حاصل ڪيل ڪل مارڪون ضرور شايع ڪيون وڃن. سپريم ڪورٽ جي انهن واضح حڪمن جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن نافرماني ڪندي موجوده ڪيس ۾ به اميدوارن پاران حاصل ڪيل ڪُل مارڪون نه ٻڌايون ويون آهن. دليل ٻڌڻ کان پوءِ سنڌ هائي ڪورٽ حيدرآباد بينچ پاران ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي چيئرمين ۽ رجسٽرار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ذاتي طور تي ايندڙ  حاضري يعني 15 اپريل تي رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو