حبيب ٽالاڻي
ھرروز اسان پنھنجي حڪمرانن ۽ حڪمرانن جي ايڪسپرٽ ٽيم کان ٻڌندا پيا اچون ته ملڪ ترقي ڪري پيو ملڪ جون مالي حالتون بھتر ٿي رھيون آھن مھنگاـٔي ته صفا ڏھاڪي جي گھٽ ترين سطح تي پھچي چڪي آھي پرڏيھي دنيا جو اعتماد بحال ٿي رھيو آھي اسان ھيـٔن ڪيو آ اسان ھونـٔن ڪيون پيا ڪاميابي جي اشتھارن جي وٺ پڪڙ پرڏيھي دورن جي وٺ وٺان ڪٿان قرض ريشيڊيول تي واھ واھ قرض ملڻ تي ڌمالون ڪو پرڏيھي مھمان اچي ٿو ته مھمان ھٿ ملاـٔي ٿو ته اسان وارا مھمان کي زوري وجھ ڀانڪر مھمان جان ڇڏاـٔڻ ۾ پورو ته اسان وارا فوٽو سيشن ۾ پورا حڪومت ۾ ويٺل اڌ وزير پنھنجي طاقتورن جي طاقت وڌاـٔڻ لاء پريشان ته اڌ وزير پنھنجي سياسي قاـٔد جي ھر جاـٔز توڙي ناجاـٔز ڪم ڪرڻ ۾ پورا ھر پاسي مفادن لاء وٺ پڪڙ روز نوان قانون روز نوان ٽـٔيڪس روز نيون ڳالھيون روز نـٔين سر سان نـٔون راڳ ٻڌاـٔي ٻڌاـٔي اسان جھڙي عوام جو جيـٔڻ ـٔي جنجال بڻايو ويو آھي پر حڪمرانن جي ساڳـٔي واـٔي ته ملڪ ترقي ڪري پيو خبر ناھي ته ملڪ الاـٔي ته ڪھڙي شعبي ۾ ترقي ڪري پيو؟ ملڪ ۾ جمھوريت ھوندي جمھوريت پري تاـٔين به نظر ڪا نه پـٔي اچي ملڪ ۾ ھر پاسي افرا تفري آھي عام ماڻھو کي ته ڇڏيو پاڻ اقتدار ڌڻي به پريشان آھن ته حڪومت ھلي ڪيـٔن پـٔي پر پوء به اسان جا حڪمران وڏي شان سان سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي جي واـٔي پاڻ ڳاـٔي پاڻ ٻڌي پاڻ ـٔي تاڙيون وڄاـٔي پاڻ ـٔي واھ واھ پـيا ڪن وزيراعظم شھباز شريف کي ته اڃان تاـٔين به پڪ ناھي ته هو ڪو ملڪ جو وزيراعظم آھي ڪو نـٔون قانون اچي ٿو اسيمبلي مان پاس ٿي وڃي ٿو ته ويچاري کي خبر ناھي پوندي ته آخر ڪھڙو بل پاس ڪيو ويو آھي ڪنھنجي چـٔي تي پاس ڪيو ويو آھي جڏھن وڃي کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته بابا وڏڙن جي حڪم تي ھي ڪم ٿيو آھي ۽ ھاڻي اوھان کي ھي راڳ ڳاـٔي ٻڌاـٔڻو آھي پوء اسان وارو اتفاقي وزيراعظم ميڊيا تي اچي ڪجھ چپ چوري ٿو ھر ناڪامي کي به ڪاميابي سان جوڙي ٿو ۽ ھر غيرجمھوري عمل کي جمھوريت سان جوڙي ٿو پر حقيقت ۾ ملڪ ۾ نه جمھوريت آھي نه آـٔين تي مڪمل عمل آھي نه جمھوري ادارا ھاڻي جمھوريت پسندن جي حوالي آھن ۽ نه حقيقي عوام دوست نماـٔندا ايونن ۾ ويٺل آھن ۽ نه وري عوامي ووٽ ذريعي چونڊيل نماـٔندا ايوانن ۾ آھن نه ملڪ ۾ اظھارراء جي آزادي آھي نه ملڪ ۾ انصاف آھي نه امن آھي نه ڪاروبار آھي نه قانون آھي نه ڪير قانون تي عمل ڪراـٔڻ وارو آھي ملڪ ۾ سياسي پارٽيون احتجاج ۾ آھن ڪي اقتدار کسجڻ تي احتجاج ۾ آھن ڪنھن کي باني جي آزادي کپي ان لاء احتجاج ۾ آھن ڪي امن لاء احتجاج ۾ آھن ڪي پارٽيون پنھنجي صوبي سان ٿيندڙ ناانصافين تي احتجاج ۾ آھن اسان واري پاسي قوم توڙي قوپرست ڌريون پاڻي رٿاـٔن جي تڪراري فيصلن تي احتجاج ۾ آھن ته مٿان وري حڪمرانن ملڪ ھلاـٔيندڙ آـٔي ايم ايف جي چـٔي تي ملڪ ۾ زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون آھن آبادگار جيڪي اڳ ـٔي زرعي مشينري جي قيمتن ۾ واڌ ڊيزل ٻج ڀاڻ زرعي زھر جي قيمتن ۾ ٿيل اضافي سبب اڳ ۾ ـٔي ويل ۾ ھو ان آبادگار لاء وڌيڪ پريشاني پيدا ڪرڻ لاء زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو بندونست ڪري ھارين جي زندگي زھر بڻاـٔڻ توڙي ھارين کي بکيو مارڻ جو بندوبست به اسان جي حڪمرانن ڪري ڇڏيو آھي پر بقول حڪمرانن جي ته ملڪ ۾ سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي ملڪ ۾ اعلي عدالتن جا جج پاڻ ۾ اٽڪيون ويٺا روز ھڪ ٻـٔي خلاف ريماڪس خط پت لکڻ ۾ پورا آھن ته وري اسان جي وڪيل برادري ججن جي مقررري ته ڪٿي وري آـٔيني ترميمن خلاف احتجاج ۾ آھن وڪيل ۽ ججن به سياستدانن وانگي ھلڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي ۽ وري اسان جھڙن ملنگن کي ڪڙو چاڙھڻ لاء حڪومت پيڪا ايڪٽ آڻي اسان کي روڊن تي آڻي بھاري ڇڏي آھي سو اسان به بقا جي جنگ وڙھون پيا باقي حڪومت جي واھ واھ واري ٽولي جا ويھ ـٔي آنڱريون اصل مکڻ ماکي سچي گيھ ۾ گوتا کاـٔي رھيون آھن پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناھي ويھ آنڱريون اصل ۾ ڏھ ھٿن واريون ۽ ڏھ پيرن واريون آنڱريون رڳو ھٿن واريون آنڱريون ڇو عيش ڪن پيرن جي آنڱرين ڪھڙو ڏوھ ڪيو؟اھي سڀـٔي سور پنھنجي جاء تي ۽ اسان وارن حڪمرانن جون ڳالھيون پنھنجي جاء تي پر ڇا به ٿـٔي اسان جا دادلا حڪمران ڪوڙن انگن اکرن توڙي نوٽن جي زورتي ڪوڙ کي سچ ڪري ڏيکارڻ لاء وسان ڪو نه پيا گھٽاـٔن ڇا به ٿـٔي اسان جا حڪمران سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي واري واـٔي جي اصل جان ـٔي ڪو نه ٿا ڇڏن ملڪ ۾ ھر پاسي افراتفري آھي خيبر کان ڪراچي تاـٔي بس احتجاج ـٔي احتجاج آھي پر بقول حڪمرانن جي ته سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي ھاڻي حڪمرانـن کي چوي ڪير ته اڙي خدا جابندؤ ملڪ ۾ ڪجھ ٺيڪ ناھي عوام جو جيـٔڻ جنجا بڻجي چڪو آھي منھنگاـٔي سبب عوام ماني ٽڪر کاـٔڻ توڙي بيماري ۾ علاج ڪراـٔڻ لاء به پريشان آھي ھا سڀ ڪجھ ٺيڪ ضرور آھي پر حڪمران ۽ سندس اڳيان پويان گھمندڙ ٽولي لاء طاقتور ڌرين لاء پر ملڪ ۾ عوام ڏاڍو ڏکيو آھي جمھوريت پنڃري ۾ قيد آھي جمھوري ادارا ايوان ڄڻ ته ڪنھن جاڳيردار جي حويلي ھجن انصاف جا ادار ھڪ ڪپمني جيـٔان ھلي رھيا آھن جتي روز نوان ملازم رکيا وڃن ٿا ۽ روز نوان رولز لاڳو ڪيا وڃن ٿا جمھوريت اظھار توڙي سياسي آزادي جي نڙي تي لت رکي ماريو پيو وڃي پر پوء به چيو پيو وڃي ته سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي الله ھنن کي سمجھ ڏي باقي ٻين کان چڙھيل آھن خبر ناھي ته ھي حالتون ملڪ کي ڪھڙي پاسي وٺي وينديون؟ الله جو ـٔي آسرو آھي باقي ھتان جي وس وارن انسانن ته ھن ملڪ توڙي عوام کي لٽي ڦري تباھ ڪري بربادي جي ڪناري پھچاـٔي چون پيا ته سڀ ٺيڪ آھي سوال اھو آھي ته ڇا واقعي ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آھي؟










