ڇا اسٽيبلشمنٽ ۽ عمران خان وچ ۾ مامرا طـٔي ٿي ويندا؟

ڇا اسٽيبلشمنٽ ۽ عمران خان وچ ۾ مامرا طـٔي ٿي ويندا؟

حبيب ٽالاڻي
ان ڳالھ ۾ ڪو به  شڪ ناھي ته باني پي ٽي آـٔي عمران خان ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار جي نتيجي ۾ نقصان جمھوريت سياست  ملڪي مفادن اظھار جي آزادي مطلب صحافت ۽ انصاف جي ادارن سميت ملڪ جي ھر عام  ۽ خاص جو ٿيوآھي اسٽيبلشمنٽ ۽ پي ٽي آـٔي وچ ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ سبب ـٔي ملڪ ۾ پيڪا جھڙا قانون لاڳو ڪري اظھار جي آزادي تي پابنديون لڳايون ويون انصاف جي ادارن ۾ نوان قانون لاڳو ڪيا ويا سياسي پارلياماني نظام جي حوالي سان نوان قانون آندا ويا مطلب سڄي ملڪي سسٽم ۾ اٿل پٿل ڪري سڄي سسٽم کي تبديل ڪيو ويو صرف پي ٽي آـٔي ۽ اسٽيبلشمنٽ جي ڇڪتاڻ جي ڪري ـٔي اھو سڀ ڪجھ ٿيو آھي پي ٽي آـٔي ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ اڄ به ڇڪتاڻ وارو سلسلو جاري آھي پي ٽي آـٔي ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ ھلندڙ موجودا تڪرار سبب ڪجھ سالن کان ملڪ ۾ افراتفري واري صورتحال پيدا ٿيل آھي جيڪا صورتحال تبديل ٿيڻ جو نالو ـٔي نه ٿي وٺي توڙي جو عمران خان پاران باربار اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪري مامرا طـٔي ڪرڻ جي ڪوشش ڪـٔي وـٔي پر اسٽيبلشمنٽ عمران خان اڳيان 9 مـٔي وارين واقعين تي معافي وٺڻ جو شرط رکيو ۽ وري عمران خان اھڙي معافي وٺڻ کان صاف انڪار ڪندو رھيو جنھن جي ڪري عمران خان ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ ٺاھ نه ٿي سگھيو توڙي جو ان وچ ۾ پي ٽي آـٔي حڪومت سان ڳالھيون شروع ڪيون ھيون پر پي ٽي آـٔي 9 مـٔي سميت ڪجھ ٻين اشوز تي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو اصل ۾ انھن اشوز تي ڪميشن جوڙڻ گھٽ ۾ گھٽ اسان جي ملڪ ۾ ته حڪومتن جي وس جي ڳالھ ناھي ان ڪري ته اھي اھڙا مسـٔلا آھن جن جو سڌو واسطو اسٽيبلشمنٽ سان ھو ان ڪري  اسٽيبلشمنٽ جي مرضي کان سواء وفاقي حڪومت ڪميشن جوڙڻ جي پوزيشن ۾ نه ھـٔي ان ڪري ڪميشن نه جڙي ۽ پي ٽي آـٔي ۽ حڪومت وچ ۾ ھلندڙ ڳالھيون بنا نٿيجي پڄاڻي تي پھتيون ھيون ان وچ ۾ وزيراعلي ڪي پي ڪي ۽ بـٔريسٽر گوھرگھڻيون ڪوششون ڪيون ته حڪومت بدران اسٽيبلشمنٽ سان مامرا طـٔي ڪجن پر سوشل ميڊيا تي فوج خلاف ٿيندڙ پروپيگنڊا جي ڪري اـٔين نه ٿي سگھيو جنھن بعد عمران خان به ضد ڪري ويھي رھيو ته ھاڻي ڪنھن به صورت ۾ اسٽيبلشمنٽ سان ٺاھ نه ڪيو ويندو ان وچ ۾ عمران خان توڙي سندس گھرواري کي مختلف ڪيسن ۾ سزاـٔون پڻ لڳي ويون جنھـن سبب اسٽيبلشمنٽ ۽ عمران خان وچ ۾ ھلندڙ تڪرار ختم ٿيڻ بدران وڌندو ويو ھڪ پاسي جتي عمران خان اسٽيبلشمنٽ سان ڇڪتاڻ جي ڪري اسٽيبلشمنٽ کان پري ٿيندو رھيو اتي وزيراعلي علي امين گنڊا پور اسٽيبلشمنٽ سان پنـھنجا واسطا سٺي طريقي سان نباـٔيندو آيو توڙي جو علي امين گنڊا پور پارٽي جلسن جلوسن توڙي پريس ڪانفرنسز ۾ اسٽيبلشمنٽ خلاف سخت لھجو اختيار ڪندو رھيو پر پردي پٺيا ھن جا اسٽيبلشمنٽ سان سٺا واسطا رھيا ٻـٔي پاسي بـٔريسٽر گوھر جا پڻ اسٽيبلشمنٽ سان سٺا لاڳاپا رھيا پر عمران خان جي ضد جي ڪري پي ٽي آـٔي ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ اختلاف ختم نه ٿي سگھيا ڪجھ وقت ڇڪتاڻ بعد ھاڻي ھڪ ڀيرو ٻيھر پي ٽي آـٔي ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جون خبرون سامھون اچڻ شروع ٿيون آھن جو ڪجھ ڏينھن اڳ وزيراعلي ڪي پي ڪي علي امين گنڊاپور  بـٔريسٽر سيف سان گڏجي اڊلاجيل ۾ عمران خان سان ملاقات  ڪـٔي جيڪا ھڪ ڊگھي ملاقات ھـٔي ان ملاقات بابت اھي خبرون سامھون آيون ته عمران خان علي امين گنڊاپور کي اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ان خبر کي ملڪي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڀرپور ڪوريج ڏني وـٔي ڏني ڇا پر ڏياري وـٔي ان پٺيان به ھڪ مقصد ھوجنھن تي ھيٺ ھلي بحث ٿيندو ڳالھ پـٔي ٿي عمران خان ۽ علي امين جي ملاقات جي ته ان ملاقات ۾ علي امين عمران خان کي راضي ڪري ورتو ته اسٽيبلشمنٽ سان ڇڪتاڻ جي ڪري پارٽي توڙي قيادت ٻنھي جو نقصان ٿي رھيو آھي ان ڪري اسٽيبلشمنٽ سان ڇڪتاڻ بدران مامرا طـٔي ڪري وٺجن ته اھو اسان جي فاـٔدي ۾ ھوندو عمران خان کي ان ڳالھ تي راضي به ڪيو ويو ۽ اھو پڻ طـٔي ڪيو ويو ته اسٽيبلشمنٽ سان رابطا پردي پٺيان ڪيا ويندا ۽ ان کي ميڊيا تي شو نه ڪرايو ويندو پر ٿيو ڇا؟ علي امين گھر پھتو نه اڳ ۾ ـٔي ميڊيا تي بريڪنگ نيو ھلڻ لڳي ته عمران خان علي امين گنڊا پور کي اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏيـٔي ڇڏيو اليڪٽرانڪ ميڊيا کان پوء ٻـٔي ڏينھن تي پرنٽ ميڊيا ۾ به ليڊ نيوز اھا ـٔي خبر لڳي ته ھڪدم پي ٽي آـٔي قيادت اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪرڻ جي خبر جي تردي ڪرڻ لڳي ۽ اھڙي ڪنھن به اڳڀراـٔي يا عمران خان جي راضپي کي رد ڪري ڇڏي ھن سڄي صورتحال ۾ سوال اھو ٿو پيدا ٿـٔي ته ميڊيا تي اچڻ واريون خبرون درست آھن يا غلط آھن؟ اصل ۾ خبر بلڪل درست آھي ته عمران خان کي اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪرڻ لاء علي امين ۽ بـٔريسٽرسيف راضي ڪري ورتو ھو اھا خبر بلڪل درست آھي پر ان سڄي خبر جو ٻيڙو وفاقي حڪومت ٻوڙي ڇڏي اصل ۾ عمران خان پاران اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھين لاء راضي ٿيـڻ واري خبر کي ليڪ توڙي ھاـٔيليٽ ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت جو ھٿ آھي شھبازشريف حڪومت ھٿ سان ان نيوز کي ليڪ ۽ ھاء ليٽ ڪراـٔي جيـٔن عمران خان ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ٿيندڙ ڳالھين کي سياسي مفادن خاطر استعمال ڪيو وڃي ۽ ميڊيا تي ڀرپور نموني ظاھر ڪيو وڃي جيـٔڻ پي ٽي آـٔي ۽ عمران خان جي سياسي ساک نقصان پھچايو وڃي ان ڪري ته نوازليگ ڪنھن به قيمت تي عمران خان کي رليف ڏيارڻ جي موڊ ۾ ناھي ان ڪري ته پي ٽي آـٔي کي جيڪڏھن رليف ملي وـٔي ۽ اسٽيبلشمنٽ سان ھن جا مامرا طـٔي ٿي ويا ته پوء ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آـٔي آرام سان ڪاميابي ماڻيندي جنھن سان پنـجاب ۾ ن ليگ جي تڏا ويڙھ ٿيندي ۽ ايندڙ وفاقي حڪومت توڙي پنجاب حڪومت پي ٽي آـٔي وٽ ھلي ويندي ان ڪري نواز ليگ نه ٿي چاھي ته پي ٽي آـٔي جا اسٽيبلشمـٽ سان مامرا طـٔي ٿي وڃن ۽ عمران خان کي رليف ملي سو به اھڙي طريقي سان جنھن رليف ۾ نوازليگ جو ڪو به ھٿ نه ھجي اھا ته ٿي خبرن واري ڳالھ پر ھڪ اھم سوال اھو آھي ته ٻـٔي ڌريون عمران خان ۽ اسٽيبلشمنٽ ڳالھين لاء راضي ڪيـٔن ٿيون؟ ان حوالي سان ڏسجي ته جيڪڏھن علي امين گنڊاپور عمران خان وٽ وڃي اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪرڻ لاء کيس قاـٔل ڪري ٿو ته پوء اھڙي عمل ۾ علي امين کي اسٽيبلشمـٽ جو راضپو ضرور حاصل ھوندو اسٽيبلشمنٽ جي راضپي کان سواء گنڊاپور عمران خان کي راضي ڪرڻ نه ويو ھوندو ھاڻي سوال اھو اھو ٿو پيدا ٿـٔي ته آخر اسٽيبلشمـٽ ۽ عمران خان ڳالھين لاء راضي ڪيـٔن ٿيا؟ اسان کي اھو سمجھڻ گھرجي ته ھي اسان جي ملڪ جي سمجهه ۾ نه ايندڙ سياست آھي ھتي ڪڏھن ڪڏھن نه ٿيندڙ شيون ٿي وينديون آھن ۽ وري ڪڏھن ٿيندڙ شيون رھجي وينديون آھن ان ڪري ھتي اسان جي ملڪ جي سياست ۾ ڪنھن به وقت ڪجھ به ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ واري آپشنز کي رد نه ٿو ڪري سگھجي باقي رھي ڳالھ ٻنھي ڌرين جي راضپي جي ته ملڪ ۾ ھن وقت دھشتگردي عروج تي آھي ھڪ پاسي ٽي ٽي پي آھي ته پاسي بلوچستان جو مسـٔلو انتھاـٔي خراب ٿي چڪو آھي جتي حڪومتي دعواـٔن باوجود امن قاـٔم ڪرڻ سيڪيورٽي فورسز لاء چـٔلينج بڻيل آھي ھڪ پاسي امن امان جو مسـٔلو خراب آھي
ته ٻـٔي پاسي سياسي حالتون پڻ خراب آھن ھي سٺون لکڻ تاـٔين اخترمينگل لک پاس وٺ ڪيترن ـٔي ڏينھن کان ڌرڻو ھڻي ويٺل آھي جنھن جي ڪري ڪوـٔٽا ڪراچي روڊ بند آھي ٻـٔي پاسي جمھوري وطن پارٽي اڳواڻ گھرام خان بگٽي پڻ ڌرڻو ھڻڻ جو اعلام ڪيو ته ھن کي ڊيرابگٽي مان گرفتار ڪيو ويو آھي ان جي ردعمل ۾ جيڪو ٿيندو اھا بعد جي ڳالھ آھي ھن سڄي صورتحال ۾ بلوچستان ۾ ھڪ وڏي آپريشن جي ضرورت آھي جنھن لاء اسٽيبلشمنٽ کي وفاقي پارٽين جي حمايت جي ضرورت پوندي موجودا صورتحال ۾ پي ٽي آـٔي بلوچستان ۾ ڪنھن به آپريشن جي حمايت نه  ڪندي ۽ پارليامنٽ اندر سخت مخالفت ڪندي ھوـٔن به پي ٽي آـٔي پارليامنٽ جي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري اھو پيغام ڏنو ته اسان عمران خان کي رليف نه ملڻ تاـٔين اسٽيبلشمنٽ سان نه ويھـنداسين ان ڪري اسٽيبلشمنٽ ھاڻي پي ٽي آـٔي سان مامرا طـٔي ڪرڻ جي موڊ ۾ آھي ته ٻـٔي پاسي عمران خان به ٿڪجي پيو آھي سڀ احتجاجون پرڏيھي مدد جي پروپيگنڊا امريڪي صدر ٽرمپ جي مدد جا آسرا ڪورٽن مان رليف ملڻ جي اميد فاـٔنل ڪال سول نافرماني سميت سڀـٔي ڪوششون ناڪام ٿيڻ بعد ھاڻي عمران خان به پردي پٺيان ڊيل نه صحي اسٽيبلشمنٽ سان ڇڪتاڻ گھٽاـٔڻ جي موڊ ۾ آھي ھاڻي جڏھن ٻـٔي ڌريون جتي ٿڪجي پيون آھن ۽ ٻنھي جا مفاد به اچي ھڪ ٻـٔي سان ڳڍجي ويا آھن ته پوء ڇڪتاڻ گھٽاـٔڻ کان سواء پي ٽي آـٔي ۽ اسٽيبلشمنٽ وٽ ٻيو ڪو رستو بچي ـٔي ڪو نه ٿو ان ڪري جيڪڏھن نوازليگ جي وفاقي حڪومت رخنو وجھڻ جي ڪوشش نه ڪري ته پردي پٺيان ڳالھيون شروع ٿي نتيجو به ڏيـٔي سگھن ٿيون لڳي نه ٿو ته نوازليگ اسٽيبلشمنٽ جي رستا روڪ ڪندي جي نوازليگ قيادت اـٔين ڪيو مطلب اسٽيبلشمنٽ جي ڪمـن ۾ پير اٽڪايو ته پوء پي ٽي آـٔي جي حمايت سان مستقبل ۾ اسان کي مرڪز ۾ پ پ جي حڪومت ٺھندي نظر اچي ٿي جيڪڏھن پي ٽي آـٔي سان اسٽيبلشمنٽ جا مامرا طـٔي ٿي ويا ته پوء مستقبل ۾ نوازليگ پاران اسٽيبلشمنٽ اڳيان نو سر جي واـٔي ڳاـٔڻ سان ان ھاؤس تبديلي به  اچي سگھي ٿي ان ڪري نوازليگ وٽ چپ ڪرڻ ـٔي بھتر آپشن ھوندو ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته نوازليگ خاموشي سان اسٽيبلشمنٽ اڳيان سرينڊر ڪري ٿي يا نه جي نه ته پوء سمجھو آصف زرداري جو خواب پورو ٿيندو ۽ مرڪز ۾ پ پ جو وارو ھن ـٔي اسيمبلي ۾ اچڻ وارو آھي سو به پي ٽي آـٔي جي حمايت سان ۽ وزيراعظم ڪير به ٿي سگھي ٿو پوء اھو بلاول ڇو نه  ھجي پر وري به  ڳالھ ساڳـٔي ته بابا ھي اسان جي ملڪ جي سمجھ ۾ نه ايندڙ سياست آھي ھتي ڪنھن به وقت ڪجھ به ٿي سگھي ٿو پاڻ ته بس رڳو انتظار ـٔي ڪري سگھون ٿا پر ھڪ سوال ھرھر ذھن تي تري اچي ٿو ته ڇا عمران خان ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ مامرا طـٔي ٿي ويندا؟ 

پهنجو تبصرو موڪليو