ليکڪ: توقير حسين
ايران عراق جنگ جي خاتمي کان پوءِ ايران هن وقت خارجي طور تي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور پوزيشن ۾ آهي. لبنان ۽ غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت ايران جي اتحادي تنظيمن حزب الله ۽ حماس کي وڏو نقصان پهچايو آهي، جڏهن ته يمن جا حوثي آمريڪا طرفان وڏي پيماني تي ڪيل فضائي حملن جي سخت دٻاءَ هيٺ آهن.
ٻئي پاسي، اسرائيل کي ’باهه جي گهيري‘ ۾ آڻڻ واري ايران جي حڪمت عملي جو مرڪز، بشار الاسد جو شام، هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. اهڙيءَ ريت، تهران جي مزاحمت جو مرڪز هاڻي عملي طور تي موجود ئي ناهي.
گذريل سال 26 آڪٽوبر تي اسرائيلي فضائي حملن ايران جي ميزائل ٺاهڻ جي صلاحيتن کي نقصان پهچايو هو ۽ ان جي S-300 فضائي دفاعي نظام کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو هو. ان کان اڳ، اسرائيل تي ايران پاران ڪيل ٻه ڊرون ۽ ميزائل حملا وڏي حد تائين ناڪام رهيا هئا، جنهن سان ايران جي اُنهن دفاعي صلاحيتن جي ڪمزوري ظاهر ٿي وئي، جن جو گهڻو چرچو ڪيو ويو هو. تازو پال سالم به مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ لاءِ لکيو ته: “ڪيترا سال، اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ باهمي دفاع ۽ محدود دشمني جو هڪ غير مستحڪم توازن برقرار رهيو،” پر هاڻي اهو توازن ختم ٿي چڪو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي اسرائيل طرفان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته هو ايران جي ’گهٽزور ترين‘ وقت ۾ ان جي جوهري تنصيبات کي نشانو بڻائي، ٻي صورت ۾ اسرائيل پاڻ قدم کڻڻ بابت خبردار ڪري رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ فوجي ڪارروائي ڪرڻ نٿا چاهين، ان جي بدران هو ’بندوق جي نوڪ تي سفارتڪاري‘ جو طريقو اختيار ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ٽرمپ پنهنجي ’وڌ کان وڌ دٻاءُ‘ واري پاليسي ٻيهر لاڳو ڪئي آهي ته جيئن ايران جي تيل جي برآمد کي صفر تائين آڻي ۽ ان کي جوهري آپشن ڇڏڻ تي مجبور ڪري.
فاکس نيوز جي بريٽ بائر کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو: “ان (ايران) کي روڪڻ جا ٻه طريقا آهن: بم سان يا معاهدي سان، ۽ مان معاهدو ڪرڻ کي ترجيح ڏيندس.” ان کان پوءِ هن ايران جي سپريم ليڊر کي سڌي ريت جوهري ڳالهين جي تجويز ڏيندي خط لکيو آهي.
اطلاعن موجب، ايران 20 سيڪڙو ۽ 60 سيڪڙو افزوده يورينيم جي ذخيري ۾ واڌ ڪئي آهي. جيڪڏهن ايران بم ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ته اها واڌ ان کي ان مقصد جي ويجهو آڻي سگهي ٿي، يا وري ايران ان واڌ کي 2015 واري گڏيل جامع ايڪشن پلان (JCPOA) کي بحال ڪرڻ لاءِ هڪ دٻاءُ جي اوزار طور استعمال ڪري سگهي ٿو.
ايراني صدر مسعود پزشکيان اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ JCPOA ۾ واپسي ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. ايران جي سپريم ليڊر جي صلاحڪار، علي لاريجاني، جو نقطه نظر ان حوالي سان وڌيڪ واضح آهي. ٽرمپ انتظاميا سان ڳالهائيندي، هن هڪ ميڊيا انٽرويو ۾ چيو: “…اسان بم نه ٺاهينداسين، توهان رڳو اسان جون شرطون مڃو ته جيئن معاهدي تي پهچي سگهون.” ٽرمپ جي سخت دٻاءُ سبب، ايراني حڪومت کي سخت معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. چين جي حمايت بابت اڃا ابهم صورتحال آهي، ڇاڪاڻ ته چين جو واشنگٽن سان تزويراتي معاهدو ٿي سگهي ٿو، ۽ پوتن ۽ ٽرمپ جي وڌندڙ ويجهڙائپ جي ڪري روس جي حمايت بابت به صورتحال غير يقيني آهي. اسرائيل کي هتي ايران جي جوهري تنصيبات کي تباهه ڪرڻ جو هڪ موقعو ضرور نظر اچي ٿو، پر ان وٽ ايتري صلاحيت ناهي ته هو اڪيلو اهو ڪري سگهي. امريڪا وٽ شايد اها صلاحيت هجي، پر ارادو ناهي. اسرائيل ايران کي هڪ توسيع پسند طاقت طور ڏسي ٿو، جڏهن ته امريڪا جا مفاد ان کان وڌيڪ وسيع آهن.
واشنگٽن ايران ۽ ان جي جوهري پروگرام کي عالمي جيوپوليٽڪس، مشرقِ وسطىٰ ۾ پنهنجي علائقائي مفادن، خليج فارس جي سلامتي ۽ عالمي ٻيڙين جي واپار سان لاڳاپي جي حوالي سان ڏسي ٿو، ۽ آمريڪا يا اسرائيل جي فوجي ڪارروائيءَ جي ردعمل ۾ ايران جي طرفان وڏي جنگ جو خطرو موجود آهي. تنہائي پسند ٽرمپ جنگ نٿا چاهين. ان کان علاوه، جنگ ۾ شڪست ڪنهن به “مضبوط” اڳواڻ جي ناقابل شڪست هجڻ جي ڏس بابت خيال کي ٽوڙي وجهي ٿي. اهڙيءَ حالت ۾، ٽرمپ پاران ايران تي حملو ڪرڻ يا اسرائيل کي “گرين سگنل” ڏيڻ جو ڪو امڪان ناهي. ايران جو ’خطرُ‘ ختم ٿيڻ سان عرب بادشاهتون پاڻ کي وڌيڪ محفوظ سمجهڻ لڳنديون ۽ نتيجي طور آمريڪا جو انهن تي اثر گهٽجڻ لڳندو، اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ به دٻاءُ گهٽ ٿي سگهي ٿو، ۽ شايد آمريڪي هٿيارن تي انهن جو انحصار به گهٽجي سگهي ٿو.
ايران تي حملو ان کي چين طرف ڌڪي سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ 1953ع ۾ مرحوم ايراني وزيراعظم محمد مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ واري تاريخ ورجائجي سگهي ٿي. اهڙي صورت ۾، ايران ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ٻيهر ڏهاڪن پٺتي هٽي سگهن ٿا. بهرحال، جنگ جي غير متوقع هجڻ جي باوجود، تهران لاءِ صورتحال اطمينان بخش ناهي. فلج ڪندڙ پابنديون ۽ وڌندڙ عوامي شڪايتون هڪ سنگين خطري جي صورت اختيار ڪري ويون آهن. اهڙي حالتن ۾ هڪ جوهري معاهدو مددگار ٿي سگهي ٿو. بهرحال، ايران پنهنجي جوهري پروگرام تي سوديبازي نٿو ڪري، ڇو ته اهو حڪومت جي بقا جو حتمي ضامن آهي، پر شايد اهو جوهري پروگرام کي ڪجهه حد تائين پوئتي وٺي وڃڻ جو جوا کيڏي. ايران جو جوهري پروگرام اڳ ئي اهڙي جاءِ تي پهچي چڪو آهي، جتان اڳتي وڌڻ جو مطلب سڌي ريت فوجي حملن جو خطرو وڌائڻ آهي. ڪمزور ايراني حڪومت، خطي ۾ پنهنجي ڪمزور حيثيت سميت، انهن سڀني خطرن کي نه ٿو سنڀالي سگهي، تنهنڪري تمام احتياط سان قدم کنيا پيا وڃن.
ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي ’خطر ي کي منهن ڏيڻ‘ يا ’موقعي مان فائدو وٺڻ‘ جي آڇ ڪري رهيو آهي. لڳي ٿو ته ايران شايد ’موقعي مان فائدو وٺڻ‘ جو رستو اختيار ڪيو آهي. ايران کي صرف ايتريون رعايتون ڏيڻي پونديون ته ٽرمپ پنهنجي حامين کي ڏيکاري سگهي ته هن ان معاهدي کان بهتر ڊيل حاصل ڪئي، جنهن مان هو پوئتي هٽي ويو هو، جيئن سندس پهرين دور ۾ شمالي آمريڪا جي آزاد واپاري معاهدي (NAFTA) بابت ٻيهر ڳالهين ۾ ٿيو.
ايران جي هٿيارن جي پيداوار جي ’حد استعداد‘ به سوديبازي لاءِ گهٽ ناهي. اهڙيءَ ريت، گهٽ ۾ گهٽ معاهدي لاءِ نه سهي، ڳالهين لاءِ ٻئي پاسي مجبوريون ۽ ترغيبون ضرور موجود آهن.
(نوٽ، هي مضمون ڊان اخبار ۾ شايع ٿيوجيڪو اسان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ سندن ٿورن سان پيش ڪريون ٿا. ليکڪ اڳوڻو سفير آهي.)










