چين پاران پاڪستان کي وڌيڪ ويڪسين ڏيڻ جو اعلان

چين پاران پاڪستان کي وڌيڪ ويڪسين ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو ) چيني پرڏيهي وزير وانگ زي 31 مارچ تائين پاڪستان کي وڌيڪ ڪورونا ويڪسين ڊوز تحفي طور موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيني پرڏيهي وزير وانگ زي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ڪورونا وبائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي  ڳالهيون ڪيون ويون.جاري ڪيل پريس رليز موجب شاهه محمود قريشي سان ڳالهيون ڪندي چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين مان ڪورونا ويڪسين کي حاصل ڪرڻ لاءِ 100 کان وڌيڪ ملڪ رابطو ڪري چڪا آهن پاڪستان کي ترجيحي بنيادن تي ويڪسين جا گهربل ڊوز مهيا ڪيا ويندا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي تحفي طور تي ڪورونا ويڪسين موڪلڻ تي چيني اڳواڻن ۽ چيني پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪيو.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خير سگالي جي جذبي تي چيني پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪيو. جڏهن ته چيني قيادت طرفان وزيراعظم عمران خان جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو