اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي چيئرمين طارق ملڪ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب نادرا چيئرمين وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نادرا جي چيئرمين جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي ۽ ڪابينا ڊويزن کي به هدايت ڪئي آهي ته طارق ملڪ جي استعيفيٰ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.










