چئن سالن کان علم جي لاٽ ٻاريندڙ علمي ادارو!

تحرير حبيب مرکنڊ

ڪنهن به معاشري ۾ لائبريري جي اهميت ۽ افاديت پنهنجي جڳهه تي انمول حيثيت رکندي آھي، جنهن کان ڪو به فرد، سماج، ملڪ انڪار نه ٿو ڪري سگھي، ڇو ته لائبريري ۾ علم جو خزانو هوندو آهي ۽ انسان ذات جي تاريخ محفوظ ڪيل هوندي آهي، جنهن کي هر ايندڙ فرد پڙهڻ چاهيندو آهي ۽ ان کي پنهنجي زندگي ۾ اپنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي. هڪ لائبريري جو در کولڻ سان ڪيترن ئي جيلن جا دروازا بند ٿي سگھن ٿا ۽ ڪيترن ئي معاشرن ۾ سڌارو اچي سگھي ٿو. پاڻ لائبريري جي اهميت ۽ افاديت کان ايترا آشنا ته نه آهيون پر پوءِ به مختلف پروگرامن ۾ وڃڻ سان، مختلف ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان ۽ دوست احبابن جي ڪچهري مان ٿورو گھڻو لاڀ حاصل ڪيو آهي، لائبريري ڪاليج، مدرسه، يونيورسٽي، ۽ تعليمي ادارن جي بنيادي جز جي حيثيت رکي ٿي. لائبريري جو لفظ لاطيني ٻولي مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ڪتاب ورتي وئي آهي، لائبريري ان جڳهه کي چيو ويندو آهي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ ٻيو تاريخي مواد، جنهن کي لائبريري ۾ محفوظ ڪيو ويو هجي. اسان جي سماج ۾ لائبريري جو قيام ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، اڄ ڪلهه ڪتاب پڙهڻ، ڪتابن سان دلچسپي جي شرح ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندي پئي وڃي. ڏٺو وڃي ته جنهن معاشري ۾ ڪتابن جو ڪثرت سان مطالعو ڪيو وڃي، ان معاشري ۾ امن، سڪون، معياري زندگي، برداشت، خوشي ۽ روحاني مسرت هوندي آهي، پر جنهن معاشري ۾ ڪتابن جو گھٽ مطالعو ڪيو وڃي، لائبريرون نه هجڻ جي برابر هجن ته ان معاشري ۾ غم، بي سڪوني، ڪاوڙ، عدم برداشت ۽ بدامني جو ڄار وڇايل هوندو آهي. ڪتاب انسان جو بهترين دوست آهي، ڪتاب انسان جو اڪيلائي جو ساٿي آهي، ڪتاب علم جي ڦهلائڻ جو بهترين ذريعو آهي، ڪتاب اهڙو ٿانءُ آهي جنهن ۾ علم ۽ حڪمت کي گڏ رکجي ٿو، ڪتاب هڪ بهترين صلاحڪار ۽ رهنما هوندو آهي، ڪتاب علم جو نور ۽ قلم جي عظمت جو اظهار هوندو آهي. ڪنهن عقلمند انسان کان پڇيو ويو ته توهان ڪنهن سان ڪچهري ڪندا آهيو؟ ان ڪتابن تي هٿ رکي چيو ته هنن سان ۽ جيڪو هنن کي لکي ويو آهي انهن سان ڪچهري ڪندو آهيان. ڪتابن ۽ لائبريرين جي جيتري تعريف ڪجي ٿي اوتري گھٽ آ، ڇو ته لائبريريون سماج ۾استاد جهڙو ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ لائبريريون علمي سرمائي جون مرڪز هونديون آهن. اڄ جنهن لائبريري تي لکڻ لئه قلم هٿ ۾ کنيو آهي، ان جي چوٿين سالگرهه پهرين جنوري تي ملهائي وڃي پئي. لائبريري جي ترقي ۾ نوجوان دوستن ۽ ساٿين پنهنجو ڀرپور نموني سان ڪردار ۽ ساٿ نڀايو آهي، جنهن جي سارسنڀال نوجوانن پنهنجي ذمي پاڻ کنئي ۽ اڃا تائين اها ذميواري نڀائيدي نظر اچي رهيا آهن، انهن نوجوانن کي لائبريري جي چوٿين سالگرهه جي موقعي تي خراج تحسين سان گڏ سلام پيش ڪريان ٿو. لائبريري جي شروعات سنڌي ادبي سنگت شاخ وارهه پاران ڪئي وئي هئي. هن لائبريري سان منهنجو تعلق 2018ع کان وٺي آهي جڏهن به مڪتب مان ڳوٺ موڪل تي وڃڻ ٿيندو آهي ته هن لائبريري ۾ ضرور ويندو آهيان ۽ مختلف ڪتابن جي سونهري ورقن کي اٿلائڻ سان گڏوگڏ دوستن سان ملاقات ۽ ڪچهريون به ٿيندي رهندي آهي. لائبريري جي قيام لئه سنڌي ادبي سنگت وارهه جا دوست، جن ۾ “ڪوشش اخبار” جو ليکڪ ڪامريڊ منان چانڊيو، حنيف سوڍر، عرفان منان، مهراڻ چولياڻي، آتم درواڙ، ساحل سڪندر، شيراز پريم، الطاف راجا، علي عمران، فياض ماهي، سجاد گل، آگم کهاوڙ، ساگر مشتاق، نجيب چانڊيو، حميد باغي، علي رفيق، اياز لوهر، جابر رضا، ساگر مجيد، هيڪل سومرو، ديدار حيدر، نجم سومرو، سائر حسين، ۽ ٻيا اڳيان اڳيان رهيا جن وارهه شهر ۾ لائبريري جي بنياد رکڻ جي لاءِ وڏي جدوجهد ۽ ڪوشش ڪئي، شهر جي مک چوڪ فاضل راهو چوڪ تي لائبريري جي مالي سهائتا جي لاءِ ٽن ڏينهن جي ڪيئمپ قائم ڪئي، وارهه شهر جي عوام جن ۾ فقير فقراء، هاري ناري، شاگردن، سياسي، سماجي، تنظيمي، مذهبي اڳواڻڻ سميت استادن ڀرپور نموني سان مالي سهائتا سان گڏوگڏ ناياب ڪتاب ڏنا ۽ نوجوانن جي محنت رنگ لاتو نيٺ وارهه شهر ۾ خانگي “قاضي عبدالغفار پبلڪ لائبريري” جي نالي سان وجود ۾ آئي. قاضي غفار لائبريري ۾ هن وقت اڍائي هزار کان مٿي مختلف موضوعن تي ناياب ۽ زرخيز ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي، جن ۾ فلسفو، سائنس، مذهب، سياست، انگلش، نصاب، انگريزي ادب، اردو ادب، سنڌي ادب، ناول، ڪهاڻي، سفرنامه، آتم ڪٿائون ۽ هر مهيني ۾ مختلف ادارن مان ڇپجندڙ رسالا جن ۾ همسري، افيئر، ڪاپڙي ۽ روزاني جي بنياد تي ڪافي اخبارون به اينديون رهنديون آهن. روزانو جي بنياد ڪيئي نوجوان پوڙها پڪا لائبريري ۾ اچي ڪري ڪتابن ۽ اخبارن جو مطالعو ڪندا رهن ٿا. هن لائبريري جو خرچ، جنهن ۾ پاڻي، اخبارن جا پئسا ۽ ٻين ٿورين گهڻين گهرجن ۾ نوجوان پاڻ ادا ڪندي نظر آيا آهن. جڏهن ته هي ادارو پنهنجي مدد تحت پيو هلي. ڪائي به سرڪاري سطع تي فنڊنگ نٿي ملي فقط ساليانو 25هزار ٽائون ڪاميٽي وارهه طرفان ملندا آهن جيڪي مسواڙ طور تي ڏنا ويندا آهن.  بهرحال! حنيف سوڍر جي لکڻي مطابق ته “وارهه جي علم و ادب تي جڏهن تاريخ لکي ويندي، ته يقينن اها تاريخ هن لائبريري جي ذڪر بنا اڌوري هوندي”. قاضي غفار پبلڪ لائبريري وارهه جي قيام جو نتيجو اهو نڪتو جو هن وقت شهر ۾ ڪافي علمي ادبي ماحول جڙيو آ، نوان نوان ليکاري، شاعر اديب پيدا ٿيا آهن. قاضي غفار پبلڪ لائبريري وارهه کي گذريل چئن سالن کان وٺي نامياري اديب ۽ “ڪوشش اخبار” جي ليکڪ ڪامريڊ منان چانڊيو سنڀاليندو پيو اچي، صبح جو سوير وڃي هو لائبريري جي صفائي سٿرائي ڪرڻ کان پوءِ شهر مان اخبارو وٺي واپس لائبريري اچي ويهي ٿو، ۽ شام جو پنجين وڳي تائين ويٺو رهي ٿو. قاضي غفار پبلڪ لائبريري وارهه جو جڙڻ شهر جي لئه سٺو سنوڻ آ، هن اداري جو هجڻ اسان سڀني لئه فخر جي ڳالهه آهي، علمي ادارن جي جڙڻ سان سماج بهتري جي دڳ تي هلي سگهي ٿو. ڌڻي پاڪ ۾ اميد آهي ته هي علم جي لاٽ هميشه ٻرندي رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو