ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار علي گوني پاڪستاني ميوزڪ شو ڪوڪ اسٽوڊيو جي ڀارتي مداحن کي خبردار ڪري ڇڏيو. علي گوني پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ٻڌايو ته ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ٻن ڀارتي مسلمان نوجوانن خلاف پاڪستاني گانا ٻڌڻ جي ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن اها خبر شيئر ڪندي ان کي کل جوڳو قرار ڏنو ته ڪوڪ اسٽوڊيو ٻڌڻ وارا تيار ٿي وڃو. ياد رهي ته ڪوڪ اسٽوڊيو پاڪستان جو مشهور ميوزڪ شو آهي، جنهن جا مداح سڄي دنيا ۾ آهن.










