راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري واضح ڪيو آهي ته معرڪه حق جي جنگ ۾ ڀارت ڪو به پاڪستاني جهاز ڪيرائي نه سگهيو، پاڪستان ڀارت سان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي، پرڏيهي رسالي ‘بلومبرگ’ سان هڪ انٽرويو ۾ پاڪستاني فوج جي ترجمان واضح ڪيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڊيٽا ۽ حقيقتن سان کيڏڻ يا لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، اسان ڪنهن به قسم جي ٽيڪنالاجي چاهي اها خود ٺاهيل هجي، مشرقي هجي يا مغربي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري معرڪه حق جي جنگ ۾ پاڪستاني هٿيارن جي اثرائتي ڪارڪردگي جي تصديق ڪئي، جنهن ۾ پاڪستاني فوج ۾ شامل چيني پليٽ فارم شامل آهن ۽ چيو ته چيني هٿيار ‘اميد’ تي پورا لٿا، بلومبرگ جي رپورٽ موجب هڪ هفتو اڳ، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 7 هندستاني جهازن کي ڪيرائڻ جي تصديق ڪئي هئي.معرڪه حق جنگ ۾ پاڪستان جي چيني ٺهيل جي-10 سي رافيل سميت ڪيترن ئي هندستاني هوائي فوج جي جهازن کي ڪيرائي ڇڏيو، بلومبرگ پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته آگسٽ ۾ پاڪستان پنهنجي هٿيارن ۾ Z10ME حملي آور هيلي ڪاپٽر شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان چيني هٿيارن سان گڏ آمريڪي ٺهيل ايف-16 جهاز پڻ استعمال ڪري ٿو.










