ڀارتي اداڪار جو ڪنوينشن سينٽر ڊاهي پٽ ڪيو ويو

ڀارتي اداڪار جو ڪنوينشن سينٽر ڊاهي پٽ ڪيو ويو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ)حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن پاران ڀارتي اداڪار ناگارجن جو 10 ايڪڙن تي ٻڌل اين ڪنوينشن سينٽر ڊاهي پٽ ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن اٿارٽي جي حڪم تي ناگرجنا ۾ 10 ايڪڙن تي ٻڌل اين ڪنوينشن سينٽر کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪنوينشن سينٽر کي حددخلين سبب ڊاهيو پيو وڃي ۽ اها ڪارروائي مقامي اختيارين جي هدايتن تي ڪئي پئي وڃي.اداڪار ناگارجن تي غير قانوني طور ڪنوينشن سينٽر ٺاهڻ جو الزام آهي. شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته اداڪار ثميدي ڪنٽا ڍنڍ جي هڪ حصي تي قبضو ڪري پنهنجو اين ڪنوينشن سينٽر ٺاهيو هو. شڪايت ملڻ تي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي عملدارن جاچ شروع ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو