لنڊن(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن ٿولهه گهٽائڻ جي نوان دوا جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. سائنس الرٽ نالي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل رپورٽ موجب هي دوا مارڪيٽ م موجود ٻين خڀني دوائن کان ٻيڻ تي بهتر نتيجو ڏئي رهي آهي. هن وقت موٽاپو يا ٿولهه اڪثر ماڻهن جو مسئلو آهي، رڳو امريڪا ۾ 40 سيڪڙو بالغ مردن ۾ ٿولهه جو وڏو مسئلو آهي. لنڊن ڪالج يونيورسٽي جي محقق راڪيل بيٽرهام جو چوڻ آهي ته تجربي دوران 16 ملڪن جي 2000 ماڻهن تي تجربي دوران 2 گروپ ٺاهيا ويا. هڪ گروپ کي سيما گليوٽائڊ Semaglutide نالي دوا ڏني وئي ۽ ٻئي گروپ کي پليسبو نالي دوا ڏني وئي. سيماگليوٽائڊ جي دوا شگر جي ٽائپ ٽو وارن مريضن کي به ڏني ويندي آهي. 68 هفتن تائين ڏنل دوا بعد پليسبو جي ڀيٽ سيماگليوٽائڊ جا حيرت انگيز نتيجا آيا. مجموعي طور ان سان 14.9 سيڪڙو ٿولهه ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ته 30 سيڪڙو ماڻهن ۾ اها شرح 20 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.










