ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جو راڪاس،ڪو تدارڪ

ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جو راڪاس،ڪو تدارڪ

رحمت الله ٻرڙو 
روزاني جي بنياد تي خبرون اخبارن ۾ پڙھڻ لاء ٿيون ملن.اڄ هڪ هيء خبر نظر مان گذري ته ٿرپارڪر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي 6 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، مٺي اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن کي علاج ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، فوتين ۾ پرتاب، وسيم، ڀيلجي ڀيل، ڪسترو غلام به شامل آهن ڊيپو ۾ فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 35 ٿي ويو آهي ۽ هلندڙ سال فوت ٿيندڙ ٻارن جو انگ 416 ٿي ويو آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن به ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ ٻه سئو ٻارڙا علاج هيٺ هئا. سول اسپتال مٺي سميت ضلعي جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٻارڙا اسپتال ۾ داخل ٿيڻ سبب علاج ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.سنڌ جا سرڪاري ادارا جيڪي ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ ورلڊ بئنڪ جي غذائيت پروگرام تي عمل ڪرڻ جا ذميوار آهن.انھن ۾ صحت کاتو،زراعت کاتو پڻ شامل آھي.صحت کاتو هي ڊپارٽمينٽ غذائيت جي حوالي سان خاص خدمتون مهيا ڪرڻ ۽ غذائي امداد جي پروگرام کي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ هي ڊپارٽمينٽ ملٽي سيڪٽرل ايڪشن فار نيوٽريشن پروگرام (سنڌ) جي نگراني ڪري ٿو،جنهن جو مقصد صوبي ۾ غذائيت جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ آهي.اهي ادارا گڏجي ڪم ڪن ٿا ته جيئن سنڌ ۾ غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي.  ورلڊ بئنڪ موجب، سنڌ ۾ 48 سيڪڙو ٻارن کي اسٽنٽنگ يعني غذائي کوٽ متاثر ڪري ٿي،ان لاءِ موثر غذائي پروگرامن جي ضرورت کي اجاگر ڪندي، ورلڊ بئنڪ جو پروگرام مائرن ۽ ٻارن لاءِ غذائيت کي وڌائڻ تي ڌيان ڏئي ٿو. خاص طور سان آھي علائقا جتي ڪمزور آباديءَ پڻ آھي.ان تي پروگرام ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز (LHWs)  پاران فراهم ڪيل غذائيت جي مخصوص خدمتون شامل آهن.ان کان علاوه زراعت کاتي معرفت بہ ٻھراڙيءَ ۾ پورھيت عورتن ۽ ھارياڻي عورت ۽ سندس معصوم ٻار جي بھتر نشو نما ء ڪمزور صحت کي بھتر ڪرڻ لاء بہ وڏو پروگرام ھلي رھيو آھي.ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن اينڊ ڪنسوليڊيشن آف نيوٽريشن (DCCN)، ضلعي سطح تي غذائيت جي خدمتن کي وڌائڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ جي پروگرام فار امپروڊ نيوٽريشن ان سنڌ (PINS) سان گڏ ڪم ڪري ٿو.ھن پروگرام جي اھم شروعات،هن پروگرام تحت ڪجهه قابل ذڪر قدم شامل آهن.جيئن مادري غذائي حڪمت عملي،ماءُ جي غذائيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ ايڪشن پلان تي عملدرآمد.جيئن وري نوجوانن جي غذائي حڪمت عملي، نوجوانن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جي ترقي.اھڙي نموني وري سنڌ هيلٿ سيڪٽر اسٽريٽجي 2012-2020 صوبي ۾ صحت جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جھڙا مقصد پروگرام ۾ شامل آھن. اهي ڪوششون عالمي بئنڪ جي سهڪار سان مائرن ۽ ٻارن جي صحت ۽ غذائيت جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو مظاهرو ڪن ٿيون.ورلڊ بئنڪ سنڌ ۾ مائرن ۽ ٻارن لاءِ بهتر غذائيت پروگرام لاءِ ٽن سالن دوران لڳ ڀڳ 30 ملين ڊالر (3 بلين پاڪستاني روپيا) مختص ڪيا آهن.هن پروگرام جو مقصد صوبي ۾ مائرن ۽ ٻارن جي صحت ۽ غذائيت کي بهتر بڻائڻ آهي.پر هن وقت جڏهن مٿي ٿر بابت آيل خبر تي غور ڪجي ٿو ته حيرت ٿي ٿئي ته بالآخر سرڪاري ادارا جيڪي ان غذائي کوٽ بابت اربين روپين جي بجيٽ کپائن ٿا پر نتيجو بلڪل به ڄڻ ته زيرو آھي.هڪ ڏينهن اندر رپورٽ موجب 6 ٻار غذائي کوٽ سبب موتجو شڪار ٿين ٿا.هلندڙ مهيني اندر آيل خبرن موجب 35 معصوم ٻار موت جو شڪار ٿيا آھن.۽ اهڙيء ئي طرح هن هلندڙ سال اندر غذائي قلت سبب 416 ٻار مري چڪا آھن.!!هڪ محتاط اندازي موجب  فقط ورلڊ بينڪ گذريل 3 سالن دوران 30 ملين ڊالرز جي فنڊنگ ڪئي آھي جيڪا 3 بلين روپيا پاڪستاني ٿين ٿا.پر جوڳو نتيجو سامهون ڪونه اچي سگهيو آھي،جڏهن ته بجيٽ هجڻ ۽ خرچ ڪرڻ کان پوء غذائيت واري کوٽ تي ڪنٽرول ٿيڻ ضروري ٿي آ.جيڪڏهن نه ته ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي جنهن جا نتيجا خود مٿي ڄاڻايل خبر موجب سامهون  اچي رهيا آھن ته اتي ڪرپشن کانسواء ٻيو ٿيڻ ڏکيو آھي.اهڙي نموني خود سنڌ حڪومت جا پنهنجا پروگرام ۽ منصوبا هوندا جيڪي ماء ۽ ٻار جي صحت لاء آھن پڻ آھن.سنڌ حڪومت فقط ورلڊ بينڪ جي تعاون سان سنڌ جي 9 ضلعن اندر  ماء ۽ ٻار جي صحت ۽ غذائي کوٽ خلاف پروگرام هلائي رهي آھي.پر جي مجموعي طورتي ڏٺو وڃي ته سنڌ جو صحت کاتو،پاپوليشن کاتو ايتري تائين جو زراعت کاتي جي پورهيت ۽ هارياڻين عورتن جيڪي حامله آھن يا ٻار ڄڻن ٿيون ان حوالي سان ڪافي وڏو اتي به ڪم ٿئي  پيو جيڪو خود ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان هلي ٿو جنهن جو مقصد به ساڳيو ئي آھي پورهيت عورت ۽ سندس معصوم ٻار جي بهتر نشو نما ڪجي.سندن بهتر صحت لاء غذائي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاء سندن تازن ميون،تازن ڦلن،تازين ڀاڄين ۽ حمل دوران يا حمل کانپوء ماء ۽ ٻار جي صحتمند سار سنڀال لهڻ لاء مڇيء جهڙي ڀاڄي  ڏئي سگهجي.ان سلسلي۾ مليل ڄاڻ موجب صحت کاتو،بهبودي آبادي کاتو،زراعت ۽ فشريز وارو کاتو ترقيات کاتي جي سهڪار سان مجموعي طور ڪافي ادارا ورلڊ فنڊيڊ پروگرامن تحت ڪم ڪري رهيا آھن پر هن وقت تائين انهن جا مناسب نتيجا اچڻ بجاء معصوم ٻارن جي ڪمزورصحت سبب موت جون خبرون اچڻ ڄڻ ته معمول بڻجي ويو آھي.ان ڪري سنڌ حڪومت جي زميوار اختيارين جو جتي اهو فرض ٿو ٿئي ته انهن پروگرامن منصوبن جي جاچ ڪري بهتر نتيجا پڻ وٺن.اتي عالمي فنڊيڊ ادارن کي به کپي ته پنهنجي ڏنل فنڊنگ جي درست معلومات رکن ته نتيجا ڪهڙا اچن ٿا.جي فنڊنگ جا نتيجا بهتر آھن ته پڻ ان تي مزيد ڪنٽرول ڪيئن ڪجي واري پروگرام کي ترجيح ڏجي.جيڪڏهن نتيجا خواهشن،ٽارگيٽ مطابق ناهن ته ان ڪڌي عمل جا تحقيقات ٿيڻ ضروري آھي.هن وقت سرديء جي سخت موسمن اچڻ سبب فقط ٿر جو علائقو ئي نه پر پوري سنڌ جون اهي عورتون جيڪي يم يعني ڊليوريء سان آھن يا جيڪي ٻارن واريون ٿي چڪيون آھن تن جي صحتمند هجڻ تي خاص توجھ ڏيڻ ضروري آھي.ڇو ته صحتمند ماء صحتمند معاشرو جنم ڏيندي آھي.ان لاء حڪومت سنڌ جي اعلي اختيارين خاص طور سيد مراد علي شاھ وزيراعلي سنڌ جي حيثيت ۾  جڏهن ته سيد آصف حيدر شاھ چيف سيڪريٽريء جي حيثيت ۾ جيڪڏهن خاص دلچسپي وٺي رپورٽ گهرائيندا ته خبرون حقيقتن جي بنياد تي سامهون اچي وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو