ٿر ڪول، ترقياتي منصوبن جي پيشرفت بابت بريفنگ

ٿر ڪول، ترقياتي منصوبن جي پيشرفت بابت بريفنگ

ڪرائي(اسٽاف رپورٽر)سنڌجي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ سنڌ ڪول اٿارٽي جو هڪ اهم اجلاس، توانائي واري کاتي جي آفيس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر قاسم سراج سومرو ۽ سريندر ولاسائي، توانائي واري سيڪريٽري ابوبڪر مدني، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ڪول اٿارٽي ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. بورڊ جي اجلاس ۾ ٿر ڪول اٿارٽي سنڌ جي مشتاق احمد سومرو ۽ بورڊ جي ٻين ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي ٿرڪول اٿارٽي ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي کي گيس، مائع ۽ ڀاڻ  ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز ڪيل منصوبن بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٿر جو ڪوئلي ڪڍي صوبي ۽ ملڪ جي ٻين حصن تائين پهچائڻ لاءِ ريلوي لائن وڇائڻ ۽ اُن کي ويجهي قومي ريلوي لنڪ سان ڳنڍڻ جي منصوبن جي تجويزن تي اڳڀرائي بابت رپورٽ به پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد ۾ ڪتب آڻڻ لاءِ عمل جوڳا منصوبا شروع ڪرڻ سنڌ سرڪار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي پهرين اوليت آهي ۽ اُن مقصد جي حاصلات لاءِ لاڳاپيل آفيسر پنهنجي بهترين صلاحيتن کي ڪتب آڻي ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪري انهن کي ڪامياب بڻائن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو