پ پ جو لانگ مارچ ۽ وزير اعظم جو ڏنل تڪڙو رليف!

پ پ جو لانگ مارچ ۽ وزير اعظم جو ڏنل تڪڙو رليف!

ليکڪ محمد اسماعيل لانگاھ 

ملڪ جي حڪمران جماعت پي ٽي آء ۽ پ پ طرفان هڪ ٻئي خلاف ان وقت لانگ مارچن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ملڪ جي غريب عوام بدترين ناقص حڪمراني ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب  سخت پريشان آهي ۽ ان عوام کي بيوقوف بڻائي چند ٽڪن عيوض آڇون ڏئي لانگ مارچ قافلن ۾ وڌ مان وڌ شامل ڪرائڻ لاء پي ٽي آء ۽ پ پ ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهيون آهن پ پ بلاول ڀُٽو جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ۽ پي ٽي آء قيادت اندرون سنڌ پ پ خلاف جلسا جلوس شروع ڪري ڇڏيا آهن هونئن ڪافي عرصي کان سياسي حوالي سان ملڪ جو ماحول گرم نظر اچي رهيو آهي. بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان هڪ طرف سياسي پارٽين صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن ته ٻئي پاسي پ پ طرفان پاڻمرادو سنڌ کان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ واري قافلي جو رُخ ڪرڻ کان پهرين وفاقي حڪومت ملڪ جي عوام کي رليف ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو جيڪا وفاقي حڪومت هر مهيني تيل جون قيمتون ان پس منظر ۾ وڌائيندي رهي آ ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن وڌڻ ڪري پاڪستان ۾ قيمتون وڌايون پيون وڃن ۽ پ پ جي لانگ مارچ کان اڳ قيمتون گهٽائڻ ۽ ٻيا  تڪڙا رليف ڏيڻ  جا عوام سان مذاق ڪيستائين ڪيا ويندا.

هن وقت پ پ جڏھن وفاق جي ناقص پاليسين ۽ مهانگائي خلاف عوام سان اسلام آباد وڃڻ جو وچن ڪيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ناقص پاليسي جو عوام تي فوري طور احسان ڪندي هڪ طرف پ پ جي لانگ مارچ کي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻئي طرف مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ لاء تيل جي قيمت ۾  ڏھ رپيا گهٽتائي سان گڏ احساس ڪفالت جي رقم ۾ واڌ صحت ڪارڊ, بيروزگار گريجوئيٽ نوجوانن کي ماهوار ٽيھ هزار رپين سميت غريب عوام لاءٻين پيڪيجن جا اعلان ڪيا آهن. وفاقي حڪومت جنهن ٽن ورهين تائين عوام کي سواء ڏُکن تڪليفن جي ڪُجھ نه ڏنو هن وقت عوام سان هيڏي ساري همدردي جو وزير اعظم کي ڪيئن احساس ٿيو جڏھن غريب عوام مٿان مهانگائي جا بم ڪيرايا پئي ويا عوام جون دانهون دنيا پئي ٻُڌيون آخر هن وقت تڪڙ ۾ عوام مٿان هي ٿورو ٿڦڻ جو پي ٽي آء سرڪار کي خيال ذھن ۾ ڪيئن آيو؟. پي ٽي آء ملڪ جو ڏيوالو ڪڍيو پ پ سنڌ جو ٻنهي طرفن کان عوام جو ڪوبه درمان نه ٿيو پ پ جيڪڏھن چاهي هاته صوبي ۾ ترقي ٿي پئي سگهي پر لاقانونيت سبب پي ٽي سرڪار جي فيصلن جي سزا سنڌ جي عوام سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو وفاقي حڪومت بيروني قرضن جا بار لاهڻ لاء عالمي ادارن جون فرمائشون پوريون ڪرڻ خاطر هر مهيني مهانگائي جا نوان اعلان ڪيا ان مهانگائي جي ماريل عوام ۾ سنڌ جي عوام سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو سنڌ ۾ هڪ پاسي  پ پ جي حڪومت عوام سان ظلم ڪيو ٻئي پاسي وفاق  پ پ جو وفاق خلاف هي ڪو پهريون ڌرڻو ناهي گذريل ٽن سالن کان عمران سرڪار خلاف جيڪا واويلا ڪئي وئي انجو عوام کي ثمر موجوده لانگ مارچ جي پهرين مرحلي ۾ ملڻ شروع ٿي رهيو آهي لانگ مارچ ته اڃا سنڌ جي راڄڌاني مان نڪتو ئي ناهي ته  وزير اعظم عمران خان جنهن پيڪيجن جو اعلان ڪيو آهي عوام کي ان ئي رليف جون اميدون هُيون پر پي ٽي آء سرڪار خبر ناهي ٽن سالن تائين رليف ڏيڻ بجاء عين ٽائم عوام لاء ايڏو وڏو پيڪيج آڻڻ۾ ڇو آماده ٿي وئي  پ پ جو لانگ مارچ وارو روڄ راڙو ۽ وزير اعظم جو تڪڙ ۾ عوام جي مرهمن تي ملم پٽي رکڻ هي ٻه  وڏا راز ئي آهن آخر ملڪ جي مسڪين عوام مان ملڪ جا حڪمران ۽ سياستدان ڇا ٿا حاصل ڪرڻ چاهين ياته عوام بيوقوف آهي يا مجبور, ٻنهي پاسن کان نقصان حڪمرانن ۽ سياستدانن جو نه پر مظلوم ۽ بي پهچ مسڪين ماڻھن جو ٿي رهيو آھي وڙھن سان لتاڙجن ٻُوڙا واري روايت اپنائي وڃي ٿي هتي جيڪڏھن پ پ کي عوام سان محبت آھي ته هو سنڌ جي ترقي تي ٿوري نظر ڪري رڳو قصور وار وفاق ناهي پ پ به برابر جي شريڪ آھي ۽ وزير اعظم کي جيڪڏھن عوام سان محبت هئي ته اهڙو رليف اڳ ۾ ئي ڏئي پئي سگهيو. لانگ مارچ شروع ٿيندي ئي وزيراعظم جي عوام سان ٿيل اهڙي همدردي سواء ڊرامي بازي جي ٻيو ڪُجھ به ناهي اهڙو پيڪيج گهڻو اڳ عوام کي ملڻ گهرجي ها ۽ پ پ سنڌ ۾ پنهنجي ساک بچائڻ خاطر لانگ مارچ تي خرچ ٿيندڙ رقم صوبي جي غريب عوام کي گهر گهر وڃي پهچائي ها ته شايد ايندڙ اليڪشن لاء ماڻھن جو لانگ مارچ ڪڍي اعتماد حاصل ڪرڻو نه پوي. پ پ پنهنجو اعتماد بحال ڪرڻ پي ٽي آء حڪومت جا باقي ڏينهن بچائڻ لاء ڪيترا به هربا هلائين پر ايندڙ اليڪشن ٻنهي پارٽين لاء ڪارگر ثابت نظر نه پئي اچي ڇو پ پ صوبي اندر سرڪاري وسيلا استعمال ڪري ۽ وزير اعظم عوام لاء تڪڙو تيل سستو ڪري عوام جو اعتماد حاصل نٿا ڪرص سگهن جيترو هو عوام کي بيوقوف سمجهن ٿا عوام به انهن کي سُڃاڻي چُڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو