پي ڊي ايم جو اجلاس اڄ طلب، پ پ ۽ اي اين پي کي دعوت نه ملي

پي ڊي ايم جو اجلاس اڄ طلب، پ پ ۽ اي اين پي کي دعوت نه ملي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) مولانا فضل الرحمان حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ 8 اپوزيشن پارٽين جي نمائندن کي گهرايو ويو آهي پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي ناهي گهرايو ويو. ياد رهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي گذريل ڏينهن پي ڊي ايم جي سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته شوڪاز نوٽيس ڏيڻ تي پي ڊي ايم  پ پ ۽ اي اين پي  کان معافي گهري. هوڏانهن اڄوڪي اجلاس ۾ پ پ ۽ اي اين پي جو معاملو به غور هيٺ ايندو ان کان علاوه پي ڊي ايم جي مستقبل جي حڪمت عملي جو به جائزو ورتو ويندو.ان کان علاوه پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن بابت ميڊيا کي به آگاهه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو