پي ٽي وي جو ڪلاسيڪل دور ۽ اڄڪلهه جا ڊراما‎

پي ٽي وي جو ڪلاسيڪل دور ۽ اڄڪلهه جا ڊراما‎

عبدالااحد گھنڃو
اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ٽيلي ويزن جي شروعات سن 1964ع ۾ ٿي.شروع شروع ۾ اسان وٽ ٽي وي جو رنگ بليڪ اينڊ وائيٽ ھيو بعد ۾ ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ جئين ٽيڪنالاجي ترقي ڪئي تئين رنگين ڪلر جي ٽي وي به اسان جي ملڪ ۾ عام ٿيڻ لڳي. پر اھا به حقيقت آهي انھيءَ دؤر ۾ ٽي وي صرف شھرن ۾ امير ماڻهن وٽ ھوندي ھئي ڳوٺن ۾ ته ورلي ماڻھن وٽ ٽي وي ھوندي ھئي ۽ ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ ته حال اھو ھوندو ھيو جو ڪنھن ڪنھن گھر ۾ ٽي وي ھوندي ھئي ۽ جڏهن ڪو ڊرامو شروع ٿيندو ھيو ته پوءِ سڄي ڳوٺ جا ماڻهو انھيءَ جي گهر ۾ ھڪڙي جاءِ تي گڏ ٿيندا هئا ۽ گڏجي ويھي ڪري ڊرامو ڏسندا ھئا.اصل ۾ ٽي وي آڻڻ جو مقصد اهو ھيو ته ماڻھن کي انٽرٽينمنٽ ڏني وڃي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ شعور ڏنو وڃي ۽ انھيءَ مقصد ۾ ٽي وي وارن کي اسان جي ملڪ ۾ ڀرپور ڪاميابي به ملي ۽ 1960جي ڏھاڪي کان وٺي 1990ع جي ڏھاڪي تائين اسان جي ٽي وي ڊراما انڊسٽري ۽ فلم انڊسٽري جو سنھري دور ڳڻيو ويندو آهي ھن دور ۾ اسان جي سڄي انڊسٽري کي وڏي پذيرائي ملي. اسان جو ملڪ جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي ۽ جنهن ۾ چئين صوبن جون مختلف ريتون رسمون ثقافت ۽ تھذيب پڻ آھي جيڪا اسان جي ملڪ جي سونهن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏي ٿي.اسان جو ملڪ ھڪ زرعي ملڪ به آھي جنھن جي 60% سيڪڙو آبادي گوٺن تي پڻ مشتمل آهي. ۽ ان ڪري وڌ ۾ وڌ ٽي وي شھرن جي نصبت ڳوٺن ۾ ڏٺي ويندي آهي شروع واري دور ۾ ته اسان جي ٽي وي تي سٺا ڊراما ڏيکاريا ويندا هئا جنهن سان نه صرف ماڻهو لطف اندوز ٿيندا هئا پر انهن کي اصلاح پڻ ملندي هئي ۽ ائين ئي ڪيترائي سماجي اخلاقي ثقافتي ۽ ديني پروگرام ڏيکاريا ويندا هئا جنهن سان ماڻهن ۾ سماجي ۽ مذھبي سڄاگي پڻ ايندي ھئي ۽ اسان جي ملڪ ۾ ٽي وي وڏي شوق ۽ چاھ سان ڏٺي ويندي آهي ڇو ته پراڻي زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان جا ماڻهو ٽي وي جي پروگرامن ۽ ڊرامن جي ڪردارن مان جلدي متاثر ٿي ويندا آهن ۽ انھن کي فالو پڻ ڪرڻ لڳندا آھن.اصل ۾ شروع واري دور جي ڊرامن ۾ ۽ اڄڪلهه جي ڊرامن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي1960ع کان وٺي 1990ع جي ڏھاڪي تائين جڏهن فقط ھڪ پي ٽي وي چئنل ھيو ته اسان جو اھو وقت سنھري ۽ ڪلاسيڪل دور ھوندو ھيو ۽ جڏهن 2000ع کان اسان جي ملڪ ۾ پيمرا جي شروعات ٿي ۽ اسان وٽ پرائيويٽ چئنلن عام جام ٿيڻ لڳا ته اسان جو سونھري دؤر ختم ٿي ويو ۽ اسان جديد دور ۾ به پوئتي پئجي ويا سين ۽ پنھنجو اصل ڊرامن جو ڪلاس وڃائي ويٺا سين. اسان جي پي ٽي وي جي پراڻي دور جي ڊرامن جو ڪلاس پوري دنيا ۾ مشهور ھيو ۽ انھن ڊرامن کي ھر جڳھ تي فالو پڻ ڪيو ويندو ھيو ڇو جو انهن ڊرامن ۽ ڪردارن ۾ انٽرٽينمنٽ سان گڏ ماڻهن کي مثبت اصلاح پڻ ملندي هئي جنهن سان انهن جي ذاتي زندگيءَ ۾ به سٺو اثر پوندو ھيو پر افسوس اڄڪلهه جي ڊرامن ۾ اھڙيون شيون گھٽ ڏسڻ ۾ ملن ٿيون اڄڪلهه جا ڊراما صرف گھريلو ويڙهه جھيڙ مغربي ۽ انڊين ڪلچر يا اسٽيٽس ۽ڪلاس ڊفرينس تي ٺھڻ ٿا جنهن ۾ مرچ مسالو ۽ انٽرٽينمنٽ ته گھڻي ڀاڱي ھوندي آھي پر افسوس ڪا اصلاح ايڏي ڏسڻ ۾ نه ملندي آهي جنهن سان اسان جي معاشري ۽ ملڪ ۾ ڪا مثبت تبديلي اچي سگهي. اڄڪلهه جو دؤر جديد ۽ الٽرا مارڊن دور آھي ۽ اڄڪلهه جي جنريشن وڌيڪ تيز ۽ چست آھي انھن جي سوچ پراڻي دور جي ماڻهن کان ڪافي مختلف آ ھي اھا جنريشن جديد دور جي طرز تي ھلڻ پسند ڪري ٿي پر جيڪڏهن انهن کي ميڊيا ۽ سٺن ڊرامن ذريعي اصلاح ڪئي وڃي ته اھي زندگي ۾ اڃا وڌيڪ ترقي ڪري سگھندا. اسان جي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي طاقت اسان جو پنھنجو مذهب اسلام آھي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان جي ملڪ جو ڪلچر اسان جي لاءِ ھڪ فخر جي ڳالهه آهي جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪلچر ۽ دين کي پنھنجن ڊرامن ۾ سٺي نموني پروموٽ ڪيون ته شايد اسان پنھنجو پراڻو ڪلاسيڪل وقار ٻيھر واپس ماڻي سگھون ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو