ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جو اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آئي سينيٽ جي اڄوڪي چونڊ عمل جو بائيڪاٽ پنهنجي شڪست کي ڏسي ڪري ڪيو آهي، شام پنجين وڳي کان پوءِ نتيجو اچڻ بعد روئڻ، پٽڻ شروع ڪري ڇڏيندا. ووٽنگ جو عمل جاري آهي، ڪنهن کي ڪائي روڪ ٽوڪ ناهي، جيڪو به پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، اسيمبلي جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن. اها ڳالهه هن سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي.هن چيو ته پي ٽي آئي جو مقصد صرف اقتدار جو حاصل ڪرڻ آهي، ايندڙ عام چونڊيون انشاء الله پنهنجي وقت تي ٿينديون، جڏهن موجوده اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪنديون. ھن چيو ته عمران خان جي ڪرپشن جا وڌيڪ اسڪينڊلز سامهون ايندا. ھن جي فيملي جون رڪارڊنگس اينديون، جنهن سان خبر پئجي ويندي ته اها ڪهڙي گهريلو عورت هئي، جيڪا صوبي جو وزيراعليٰ مقرر ڪندي هئي، اھا ڪهڙي گهريلو عورت هئي جيڪا سياسي ڪارڪنن کي هدايتون جاري ڪندي هئي. هن چيو ته عمران خان ملڪ جي اهم ادارن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. عمران خان جو اهو بيانيو بري طريقي سان پٽجي چڪو آهي. هن چيو ته عمران خان وٽ هاڻي به موقعو آهي درست رستي تي اچي وڃي. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي خواهشن تي ملڪ نٿو هلي سگهي ۽ نه ئي وري عمران خان جي خواهشن تي قانون سازي ٿي سگهي ٿي. عمران خان جادو ٽوڻي سان قانون سازي ڪرڻ وارو وقت کائي چڪا آهن، ھنن جي اسيمبلي ۾ اڪثريت ئي نه هئي، آرڊيننس جي ذريعي حڪومت هلائيندا رهيا، آرڊيننس غيرقانوني هئا، جنھن مان ڪيترائي ئي ليپس ٿي ويا. صوبائي وزير چيو ته عمران خان گذريل ڏينهن چيو آھي ته ھن وٽ اهم راز آهن، جيڪي ويڊيوز ۾ محفوظ آهن. عمران خان همت ڪري ، خوف نه کائي اھي راز سامهون آڻي .هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ڪيس بابت کيس ڄاڻ ناهي ته ڪھڙي ايف آئي آر ۾ گرفتار ٿيو آهي. اينٽي ڪرپشن سندس گرفتاري جون سموريون قانوني گھرجون پوريون ڪيون ھونديون. ھن چيو ته قانون کان ڪوئي به مٿانھون ناھي. حليم عادل شيخ ڪيس کي منهن ڏئي، جيڪڏهن بي گناهه آھي ته عدالت ڇڏي ڏيندي ۽ جيڪڏهن گنهگار ھوندو ته سزا ملندس . هن چيو ته سنڌ حڪومت جو ڪابہ خراب نيت ناهي ۽ نه ئي ھن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. اهو تاثر صحي ناهي. هن چيو ته ڪو به خوش فهمي ۾ نه رهي ۽ نه ئي طرم خان بڻجڻ جي ڪوشش ڪري. قانون پنهنجو رستو پاڻ وٺندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت فيصلو ڪندي ته حليم عادل شيخ کي ڪٿي رکڻو آهي. جيڪڏهن هو صحتمند آھي ته جڳهه موجود آهي کيس ان ۾ رکيو ويندو ۽ جيڪڏهن بيمار آهي ته کيس اسپتال ۾ رکيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اين اي 240 ۾ جيڪي ٿيو ان تي افسوس آهي. سڀني کي نتيجن کي قبول ڪرڻ گهرجي. سياسي جماعتن جي سربراهن جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ڪارڪنن کي پرامن رکن. ٽرانسپورٽ بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته ڪراچي ۾ جديد بس سروس جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ڪوشش آهي ته ڪراچي شهر ۾ بھترين ٽيڪسي سروس متعارف ڪرائي وڃي. شهر ۾ رڪشا ۽ چنگچي هلي رهيون آهن سٺي ٽيڪسي سروس ڇو نٿي هلي سگهي. هن چيو ته مان ڪراچي جي واپاري برادري ۽ چيمبر آف ڪامرس کي ميڊيا جي ذريعي کليل دعوت ڏيان ٿو ته ٽيڪسي سروس جو بزنس ماڊل حڪومت سان شيئر ڪن. سنڌ حڪومت کين هر ممڪن سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ۽ سموريون قانوني تقاضائون ون ونڊو آپريشن تحت مڪمل ڪيون وينديون ، انھن کي ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوندو. هن چيو ته اسان جو مشن آهي ته سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر ٿئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي ان معاملي تي کيس ڀرپور حمايت حاصل آهي.










