پي ٽي آءِ کي دٻائڻ لاءِ ملڪ کي تباهه ڪيو پيو وڃي

پي ٽي آءِ کي دٻائڻ لاءِ ملڪ کي تباهه ڪيو پيو وڃي

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي فيض حميد جي گرفتاري جو ڊپ نه آهي، پي ٽي آءِ کي دٻائڻ جي لاءِ ملڪ کي تباهه ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن مون کي ڊپ هجي ها ته انهي معاملي تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو نه چوان ها.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي پيغام آهي ته اوهان ملڪ کي نقصان طرف کڻي وڃي رهيا آهيو، اسٽيبلشمينٽ کي چوان ٿو ته اوهان ڪرپٽ ماڻهن کي ويهاري ملڪ ۽ ادارن کي تباهه ڪري رهيا آهيو، اسٽيبلشمينٽ کان اپيل آهي ته ملڪ کي تباهي طرف نه کڻي وڃو، ملڪ کي بچايو.هن چيو ته مون کي جنرل فيض جي گرفتاري جو ڊپ نه آهي، جيڪڏهن ڊڄان ها ته جوڊيشل ڪميشن جي ڳالهه نه ڪريان ها، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي پابندي لڳائي ملڪ جو 5 ملين ڊالر جو نقصان ڪيو ويو، اسان تي نوازشريف جي الزامن جي اصليت اڪنامڪ سروي آف پاڪستان سان واضح ٿي ويندي.عمران خان چيو ته چيف جسٽس اسان جون وڌيڪ 3 وڪيٽون ڪرائي ڇڏيون، اسان جي خلاف نئون توشه خانه ريفرنس 23 نومبر تي چيف جسٽس جي ريمارڪس تي ٺاهيو ويو. ٻڌڻي هيٺ ريفرنس تي چيف جسٽس ڪيئن ريمارڪس ڏئي سگهي ٿو؟ اسان سمجهون ٿا ته چيف جسٽس ريمارڪس ڏئي انهي جج کي واضح پيغام ڏنو آهي.پي ٽي آءِ باني چيو ته اهو سڀ ڪجهه صرف چيف جسٽس جي ايڪسٽينشن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. زلفي بخاري سان رابطي جي لاءِ فون جي ضرورت نه آهي، وڪيل موجود آهن انهن جي ذريعي پيغام اماڻي سگهان ٿو، آرٽيڪل ڇپرائڻو هجي ته وڪيلن کي پوائنٽس ڏئي ڇپرائي سگهان ٿو. عمران خان وڌيڪ چيو ته آڪسفورڊ جي چانسلر جو اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، زلفي کي انهي بابت هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، جيل ۾ جيمرز لڳل آهن، موبائل ڪم نه ڪندا آهن هي ڊڄي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو