پيپلز پارٽي کي پنجاب سان حسد آهي، بخاري

پيپلز پارٽي کي پنجاب سان حسد آهي، بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي پنجاب کان حسد آهي، لاڙڪاڻي جي نوابن کي عوام تي پئسا لڳائڻ هضم نه ٿي رهيو آحي.
پيپلز پارٽي جي ترجمانن جي بيانن تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي صوبائي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري چيو ته اسان کي خبر آهي ته پيپلز پارٽي کي پنجاب سان ڇو حسد، ساڙ ۽ نفرت آهي. پنجاب ۾ پنجاب جي عوام جو پئسو انهن تي لڳي رهيو آهي، پيپلز پارٽي کي انهي سان مسئلو آهي.
هن چيو ته پنجاب جي ترقي ۽ خوشحالي کان ساڙ کائيندڙ سڙندا رهندا، پنجاب ۾ مريم نواز جي حڪومت کي صرف 2 سال ٿيا هن وسيلن کي اٽڪ کان رحيم يار خان ۽ راولپنڊي کان وهاڙي تائين پهچائي ڇڏيو آهي، لاڙڪاڻي جي نوابن کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ جيڪڏهن اوهان چوٿين نمبر جي پارٽي آهيو ته انهي ۾ اسان جو ڪوبه ڏوهه نه آهي، پنجاب جا ماڻهو مسلم ليگ(ن) جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪن ٿا. مرتضيٰ وهاب لاهور ۾ سکڻ آيو ته اسان پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا، اسان چاهيون ٿا جيئن ترقي ۽ خوشحالي پنجاب ۾ آهي ائين سنڌ ۾ به هجڻ گهرجي.
صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو کي نفرت ۽ ورهاست جي سياست زيب نٿي ڏئي، اوهان هڪ پارٽي جا چيئرمين آهيو، پنهنجي عهدي جو خيال ڪريو. سنڌ ۾ ترجمانن جي فوج ڇا پنجاب تي ڪاوڙ ڪڍڻ جي لاءِ رکيل آهي؟ سنڌ جي ترجمانن ڪڏهن اسان کي پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي ڇو ناهي ٻڌائي.؟ هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اوهان جي ڪارڪردگي ايتري بهترين هجي ها ته سنڌ وارا مريم نواز کي سنڌ جي وزيراعليٰ بنجڻ جي لاءِ دعائون نه گهرن ها.

پهنجو تبصرو موڪليو