اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 266.17 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.ڊيزل 5.16 رپيا في ليٽر مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 280.86 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي، حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.










