ملير (شهزادو مستوئي) پيغام سنڌ مارچ جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراهه صنعان خان قريشي، الاهي بخش بڪڪ ۽ ضمير حاجاڻو خلاف ملڪ دشمن سرگرمين، فوج سميت رياستي ادارن خلاف اڪسائڻ جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اسٽيل تائون ٿاڻي تي اي ايس آءِ علي دوست بگٽي جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ انسداد دهشتگردي ايڪٽ جا قلم به لاڳو ڪيا ويا آهن.

جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پيغام سنڌ مارچ ۾ اندرون سنڌ ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ سندن حامين شرڪت ڪئي جن پاڪستان نه کپي سميت ملڪ، حڪومت، فوج ۽ ٻين ادارن خلاف نعرا هنيا.

ياد رهي ته 17 نومبر تي صنعان قريشي جي سربراهي ۾ گلشن حديد کان ڪراچي پريس ڪلب تائين جلوس ڪڍيو ويو. پريس ڪلب وٽ جلوس هڪ وڏي ميڙ ۾ بدلجي ويو جنهن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌين جو هي ميڙ سنڌ ورهائيندڙن کي واضح پيغام ٿو ڏئي ته سنڌ سنڌين جي آهي، جيڪو سنڌ ۾ رهي ٿو ۽ پاڻ کي ڌرتي جو پٽ سمجهي ٿو ته اسانجو ڀاءُ آهي پر جيڪڏهن ڪو جناح پور ٺاهڻ ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته اسين سندس آڏو ڀت بڻجي وينداسين.

رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بابا بشير خان قريشي جا پوئلڳ سنڌ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا. جلسي کي امجد مهيسر، الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين به خطاب ڪيو.










