پيرڪوٽ ڪلب شاهين ڪلب کي بُري شڪست ڏئي ڇڏي

وڳڻ (اسپورٽس نيوز ) يارو ديرو ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پيرڪوٽ ڪرڪيٽ ڪلب ۽ شاهين ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ ميچ کيڏي وئي. پير ڪوٽ ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن مقرر 10 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 155رنسون  ٺاهي ورتيون. جڏهن ته شاهين ڪرڪيٽ ڪلب مليل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي صرف 120 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. پيرڪوٽ ڪرڪيٽ ڪلب جي رانديگر شاهن خاصخيلي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 80 رنسون ٺاهي مين آف دي ميچ چونڊجي ويو ۽ پيرڪوٽ ڪرڪيٽ ڪلب جي فاسٽ بالر بشير احمد 4 وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو