لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڄ رٿيل ٽريننگ سيشن نامعلوم سببن جي ڪري ريد ڪري ڇڏيو آهي. ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي ڪالهه 88 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ هڪ صفر جي برتري حاصل ڪري ورتي هئي. آسٽريليا جي 314 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 46 هين اوور ۾ 225 رنسن تي ڍير ٿي وئي، امام الحق 103 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيڻ باوجود ميچ کٽي نه سگهيا. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن تي آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 313 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا جي اننگز
آسٽريليا طرفان ٽريوس هيڊ 101 ۽ بين ميڪڊرموٽ 55، مارڪس اسٽيونز 26، مارين ليبسڪين 25 ۽ ڪپتان آرون فنچ 23 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان حارث رئوف ۽ زاهد محمود 2-2 جڏهن ته افتخار احمد ۽ خوشدل شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
پاڪستان جي اننگز
314 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان جي شروعات سٺي نه رهي، اوپنر فخر زمان 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو پر پهرين وڪيٽ ڪرڻ کانپوءِ ڪپتان بابر ۽ امام الحق وچ ۾ 96 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي. جڏهن ٽيم جو مجموعي اسڪور 120 رنسن تائين پهتو ته بابر 72 بالن تي 57 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو جڏهن ته سعود شڪيل رڳو 3 رنسون ٺاهي سگهيو. هڪ طرف پاڪستاني ٽيم جون وڪيٽون ڪرنديون رهيون ته ٻئي طرف امام الحق سينچري اسڪور ڪئي پر هو وڏي اننگز کيڏندي ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيو، امام الحق 96 بالن تي 103 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ان کان علاوه خوشدل شاهه 19 ۽ رضوان 10 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون وٺڻ سان گڏ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 100 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون. ان کان علاوه ٽريوس هيڊ ۽ سويپسن 2، 2 وڪيٽون ورتيون. واضح رهي ته ون ڊي سيريز جون باقي رهيل ٻه ميچون به 31 مارچ ۽ 2 اپريل تي لاهور ۾ کيڏيون وينديون.










