پهرين اوور جي ڪارڪردگي برقرار رکڻ جي ڪوشش هوندي آهي: شاهين

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ ۾ لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل ۾ تمام گهڻو الرٽ آهيان، ڪرڪيٽ ۾ سٺي واپسي ڪئي اٿم.ڳالهائيندي شاهين چيو ته مان وقفي کانپوءِ کيڏي رهيو آهيان، منهنجي هميشه ڪوشش آهي ته پنهنجي بهترين ڪرڪيٽ کيڏان، چاهي اها ڊوميسٽڪ هجي يا ڪلب ڪرڪيٽ،پشاور زلمي خلاف ميچ ۾ محمد حارث جي بيٽنگ کانپوءِ بالنگ ڪرڻ ۽ پوءِ ڪپتان بابر اعظم کي بالنگ ڪرڻ بابت هن چيو ته ڪوشش آهي ته پهرين اوور جي پرفارمنس کي برقرار رکون، جلد کان جلد بريڪ ٿرو ڏيان، شڪر آهي مان ان ۾ ڪامياب آهيان. .

پهنجو تبصرو موڪليو