پنهنجن جي پرڪارن۔۔اڄ مون کي رت رئاريو!

پنهنجن جي پرڪارن۔۔اڄ مون کي رت رئاريو!

طفيل مگسي
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايران جي هٿان (صيهوني رياست جي پاڳل ۽ نفسياتي مريض نيتن ياهو) جي شڪست۔ وري ٻيئي نفسياتي مريض ٽرمپ  بين الاقوامي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي ايران تي حملو ڪيو۔جنهن کانپوء خاص ڪري پنهنجي وطن عزيز پاڪستان جي لاء ڏاڍو ڏکيو وقت ڳجهن جيان لامارا ڏئي رهيو آهي۔هڪ ڳالھ جيڪا بنھ ڪڙو سچ ٿي سگهي ٿي۔ليڪن پنهنجي جاء تي سچي حقيقت پڻ آهي۔جيڪا هيء ته جڏهن عراق تي نام نهاد امريڪي حملي جي لاء دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي وئي ۽ صدام حسين جي حڪومت کي”آزادي“ جي نالي تي ڊاهي پٽ ڪيو ويو۔تڏهن دنيا جي ڪيترائي امت جا ماهر سياستدان۔تجزيي نگار ۽ دانشور رڙيون ڪري ڪري امت کي خبردار ڪري رهيا هئا ته ٻيلي ننڊ ڪرڻ جي بجاء اکيون کوليو ۽ ڪجه سوچ ويچار ڪيو۔مگر ڪنهن به سندن رڙين ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو۔سندن جو انهيء وقت چوڻ جو مقصد اهو هو ته اڄ جيڪي ڪجه عراق سان ٿي رهيو آهي۔”اها فقط شروعات آهي ۽ انجام انهيء کان به وڌيڪ هيبتناڪ ٿيندو“ اسان جي امت انهيء ڪاروائي کي ٺٺول سمجهيو بلڪ ايستائين ته صدام حسين جي حڪومت جي خاتمي تي بغداد ۾ جشن ملهايو ويو۔جهومريون هنيون ويون۔مگر اڄ اهي ئي اڳڪٿيون حقيقت بڻجي ويون آهن۔ايران تي اسرائيل جا هڪ ٻيئي پٺيان حملا ۽ انهن حملن جي وچ ۾ سبدس پيء امريڪا جي خاموش سپورٽ۔اسان کي ماضيء جي انهيء رستي ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي۔جتي عراق۔۔لبيا ۽ افغانستان ۾ رت جي هولي کيڏي وئي۔ايران تي اسرائيلي حملن کانپوء امريڪا جي طرف کان جيڪا فوجي مداخلت ٿي۔جيڪڏهن اسرائيل جي جارحيت کي روڪيو وڃي ها يا ان وقت مسلم امت هڪ ٿي آواز اٿاري ها جڏهن عراق تي حملو ٿي رهيو هو ته شايد اڄ صورتحال مختلف هجي ها۔بدقسمتي سان صدام حسين جي حڪومت جي خاتمي جي وقت ڪن غدار مسلم رياستن لڪ چپ ۾ امريڪي ارادن جو ساٿ ڏنو(جيئن هن وقت سعودي۔عرب امارات۔مصر۔شام ۽ اردن امريڪي و اسرائيلي مسلم دشمن ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جو ساٿ ڏئي رهيا آهن) اڄ مسلم دنيا جو عام فرد ڪابل۔دمشق۔غزه۔مزار شريف يعني نيل جي ڪناري کان وٺي بخاڪ ڪاشغري تائين هر مسلم شهري اهو سوال ڪري ٿو ته ”چا اسان جو رت ايترو سستو آهي؟چا اسان جي حڪمرانن جو ضمير مري چڪو آهي؟چا اسن فقط اقوام متحده( جنهن کي امريڪا ۽ اسرائيل کنگهي به نٿو)جي زباني قراردادن جا محتاج رهنداسين؟هر مسلم اهي ئي سور پٽي ٿو ته” ڪاش اسان جا حڪمران هڪ پليٽ فارم تي ڱڏ ٿي وڃن۔ڪاش اسان هڪ آواز بڻجي وڃون“جيڪڏهن مسلم امت کي واقعي هڪ محفوظ مستقبل کپي ته انهن کي گهرجي ته سکڻن بيانن ۽ بي فائدي اجلاسن ڪوٺائڻ سان ڪجه به هڙ حاصل نه ٿيندو۔ان جي لاء اسلامي ملڪ ۽ خاص ڪري اهي ملڪ جيڪي امريڪا۔اسرائيل جا ويري آهن۔سڀئي گڏجي ڪري هڪ نئون محاذ جوڙين۔ميڊيا جو نئون نيٽ ورڪ جيڪو انهيء متحده محاذ کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي۔بين الااقوامي عدالتن ۾ جارح قوتن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن۔او آئي سي جو بهتر ڪردار ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي۔هڪ ڳالھ وري به چوڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ظلم سهندڙ مسلم قوتون اڃا به نه جاڳيون۔ته پوء سمجهي چڏيو ته سڀاڻي ڪو به نه رهندو۔تاريخ شاهد آهي ته جن به متحده ٿي ڪري پنهنجي قومن ۽ ڌرتي جي سالامتي چاهي اڄ اهي نه صرف زنده بلڪ ترقي ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکيون پيون اچن۔ڪالاھ به اهو ساڳيو اتحاد نيٽو۔امريڪا ۽ اسرئيل هئا۔پر پوء به ڪيوبا۔وينزويلا۔ويٽنام ۔اتر ڪوريا۔لائوس۔ڪانگو سان ويڙهون ڪيون مگر انهن کي فتح نه ڪري سگهيا ۽ اڄ به اهي ملڪ امريڪا ۽ سندس پٺو نيٽو جي غلامي کان آزاد آهن۔حالانڪ انهن منجهان صرف هڪ اتر ڪوريا ئي ايٽمي طاقت آهي۔باقي ٻيا ته ويچارا ايٽمي طاقت نٿا رکن بلڪ سندن حوصلا ۽ همتون ايٽمي طاقتن کان به اوچيون آهن۔ان ڪري پاڻ ۾ همت۔جرئت ۽ هڪ ٻيئي کي سڏ ۾ سڏ ڏيو ته اهي ايٽمي طاقتون ڪڏهن به اوهان کي پنهنجو غلام نٿيون بڻائي سگهن۔هڪ ٻي ڳالھ به عرض ڪيان ته جيڪي ملڪ اڄ ايران جي خلاف امريڪا جي مدد ڪري رهيا آهن۔جي وچ اوڀر ۾ ايران نه رهيو ته انهن ملڪن سان به ائين ئي ڪيو ويندو۔جيئن شام۔لبنان۔يمن۔عراق۔لبيا سان ڪيو ويو۔چاڪاڻ ته امريڪا ۽ سندس يهودي لابي ڪنهن جي به ڪڏهن خيرخواه يا دوست نه رهي آهي بلڪ اها سدائين پنهنجن مفادن  کي ئي هر شيء تي اوليت ڏيندي آئي آهي!

پهنجو تبصرو موڪليو