پنجاب: ٻوڏ متاثرين جي بحالي ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب: ٻوڏ متاثرين جي بحالي ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ امدادي آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز روڊن، پلن ۽ انفراسٽرڪچر جي فوري بحالي جو حڪم ڏنو آهي.مريم نواز جي هدايتن تي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ٻوڏ متاثرين لاءِ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. سروي فارم، موبائل ايپس ۽ مانيٽرنگ ڊيش بورڊ پڻ قائم ڪيا ويا آهن.پنجاب جو وڏو وزير ڊيش بورڊ تي ٻوڏ متاثرين جي امداد جي ذاتي طور تي نگراني ڪندو. سروي لاءِ ٽيم ۾ شهري يونٽ، روينيو، زراعت ۽ فوج جا نمائندا شامل هوندا.ان حوالي سان مريم نواز جو چوڻ آهي ته هر فرد جي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو، ڪنهن کي به امداد کان محروم نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو