سلطانپور (رپورٽ قربان علي )پنجاب واسي وڪيل جي قتل ڪيس ۾ ڪينٽ ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او بشير ڀيو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. بشير ڀيو جو پني عاقل جي سول ڪورٽ مان ٻن ڏينهن جو رمانڊ به ورتو ويو آهي. بااثر اسد انڍڙ کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ڪينٽ ٿاڻي تي اڳ ئي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ جاچ کانپوء بشير ڀيو جو به ڊائري ۾ نالو شامل ڪيو ويو. هن ڪيس ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفي ميراڻي،گل حسن سيلرو،نصير عارباڻي،يعقوب ۽ هڪ ٻيو اهلڪاربه گرفتار ٿيل آھن. 17 آگسٽ تي پني عاقل جي پوليس فيصل آباد واسي وڪيل اعجاز آرائين کي کنڀي آئي هئي.وڪيل کي ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ نجي جڳهه تي رکي تشدد ڪيو ويو هو جنهن ۾ هو فوت ٿيو هو.










