اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي استعيفيٰ کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻن سعد رفيق ۽ راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي استعيفيٰ غير آئيني آهي. ن ليگ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته استعيفيٰ قبول ڪندڙ سيڪريٽري جو نوٽيس ورتو وڃي. پنجاب جو وڏو وزير استعيفيٰ گورنر کي جمع ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته حمزه شهباز وڏي وزير لاءِ متحده مخالف ڌر جو اميدوار آهي.










