پمپس تي ڊيجيٽل فيول مينجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

پمپس تي ڊيجيٽل فيول مينجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول پمپس تي ڊيجيٽل فيول مينجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
تفصيل موجب حڪومت پيٽرول پمپس تي ڊيجيٽل فيول مينجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي تحت شهرين جي ذاتي گاڏين جي لاءِ پيٽرول جو ڪوٽه مقرر ڪيو ويندو، انهي کان وڌيڪ پيٽرول نه ملندو.
ذريعن موجب فيول مينجمينٽ سسٽم جي لاءِ اين آءِ ٽي بي ۽ پي ٽي اي کان منظور ٿيل موبائيل هينڊ سيٽس استعمال ٿيندا ۽ پيٽرول ڪوٽا کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پيٽرول پمپس تي موبائل فونز فراهمي جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب آءِ ٽي وزارت پيٽرول پمپس تي فراهمي جي لاءِ موبائل فونز جي جانچ مڪمل ڪري ورتي آهي جڏهن ته نيشنل آءِ ٽي بورڊ ۽ ايم سيز جي لاءِ خريد ڪيل موبائل فونز جي توثيق ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب موبائل فونز تي فيول مينجمينٽ لاءِ تيار ڪيل ايپليڪيشن جي ٽيسٽنگ به مڪمل ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو