اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي 2 مئي تي ڪندي.سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ بار، پاڪستان بار ڪائونسل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.ان کان علاوه مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف سميت 9 سياسي پارٽين کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.










