پريا ڪماري اسين سَڀِ تنهنجا مياري آھيون!!

اعجاز ممنائي
سنگرار جي معصوم نياڻي پريا ڪماري ڪيترو ئي عرصو گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهي ـ پريا جي امڙ جا وقت بوقت سنڌ کان جيء جھوريندڙ سوال هر ماڻھوء کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ته آخر سنڌ جي مخلص غيرمسلم سان آخر اهڙا ڪلور ڇو ٿا ڪيا وڃن۔ ڪڏهن زبردستي مذھب مٽائڻ وارا هربا استعمال ٿين ٿا ته ڪڏهن وري انهن هِندن کي ڀنگ عيوض اغوا ڪرڻ واريون وارداتون ٿينديون رهيون آھن۔ اها هڪ اهڙي نفرت واري چال آھي جيڪا رياست جي زميواريء ۾ اچي ٿي پر رياست جي زميوارن ان کي غيرسنجيده ورتو آھي جنهن سبب ڪيترائي مسئلا کڙا ٿيا آھن۔ انهن ۾ سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جو هاء لائيٽ ٿيل اشو به آھي۔
پريا ڪماري 2021ع جي 10 محرم تي سنگرار مان مولا حسين عليه السلام جي عزادران، ۽ پياسن مومنن کي حسيني سبيل پياريندي کنڀي اغوا ڪئي وئي جنهن جو هن مهل تائين ڪو ڏس پتو نه ٿو ملي۔ هر ماڻهو پنهنجي پاڻ کان سوال ٿو ڪري ته آخرپريا ڪماريء کي ڇو اغوا ڪيو ويو۔ ان معصوم جو قصور ڪهڙو هو ۽ ان جا سبب ڪهڙا هئا..؟
ھڪ نوجوان شيراز ابڙو پاران پريا ڪماري جي اغوا جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي ڀاڻيجن شاهد شاهه ۽ زاهد شاهه کين اغوا ڪار ڄاڻائي وائکو ڪندي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيل وڊيو ۾ چيو ته سکر جا سيد شاهد شاهه ۽ سيد زاهد شاهه پريا ڪماري جي امڙ تي فدا هئا ان ڪري ان جي معصوم نياڻي پريا ڪماريء کي اغوا ڪيو ويو۔ سنڌي ماڻهن جي ڀرپور احتجاج ۽ آواز اٿارڻ جي نتيجي ۾ پريا ڪماري ڪيس هڪ دفعو ٻيهر سرڪار جي ڌيان تي آيو آهي ۽ چيف جسٽس جي نوٽيس وٺڻ سان گڏ هن اهم ڪيس کي رديءَ جي ٽوڪريءَ مان ڪڍي پوليس به متحرڪ نظر اچي رهي آهي.ڇوته ان کان اڳ ايس ايس پي عرفان سمون چيو هو ته مان سکر جي مختلف جڳهن تان زمين مان کڏا ڪڍرايا آهن، پنجاب جي سڀني فحاشي اڏن جي انڪواري ڪئي آهي، مان ايران، انڊيا سميت ڪيترن ئي ملڪن جي بارڊر جي انڪوائري ڪئي آهي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ڪچو، شاه ٻيلي ۾ ڳولا ڪئي آھي۔ شاهد شاهه جا 40 ماڻهو به گرفتار ڪري انهن کان پڇاڳڇا ڪئي آھي، پر پريا ڪماري هٿ ناهي آئي. هتي سوال پيدا ٿو ٿئي ته پوء ڀلا پرياڪماري ڪاڏي وئي؟ ۽ ٻيو سوال اهو آھي ته سڄي دنيا جي ڳولا ڪئي وئي پر ڌر جي فرياد تي شاهد شاهه جي حويلي ۽ ۽ سندس جي انڪواري ڇونه ڪئي وئي ان جو سبب ڇا هو؟ ان جو هڪ سبب سامهون آيو آھي ته زاهد شاهه ۽ شاهد شاهه مسلم ليگ سان لاڳاپيل هئا، پريا ڪماريء جي اغوا کان پوء فوري طور پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائون ۽ روهڙي جي ناصر شاهه جي هٿ تي اعلان ڪيو ۽ ناصر شاهه شاهد شاهه سان وچن ڪيو ته توهان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪيو توهان کي تحفظ ڏينداسين، پوء زاهد شاهه ۽ شاهد شاهه پيپلزپارٽي ۾ اعلان ڪيو،
جيتوڻيڪ “پوليس کي سڀ خبر آهي” جي چوڻيءَ جيان هن ڪيس بابت به پوليس کي ڪيئي حقيقتون معلوم آهن پر مٿن سياسي دٻاءُ به ڀاسي سگهجي ٿو، جو ڪيتري ئي عرصي کان مجرماڻي خاموشي اختيار ڪندي عوام کي هاءِ پروفائل بڻيل ڪيس بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. ڏوھ، ٿيڻ کان پوءِ هڪ فطري قاعدي تحت اهڙا پيچرا ۽ پنڌ ٺاهيندو آهي، جو دير سوير ڏوهاري چاهي اهو ڪيترو به چالاڪ يا بااثر ڇو نه هجي، قانون جي ريڊار تي اوس نروار ٿيندو آهي. چاهي اهو ڏوھ معمولي نوعيت جو ڇو نه هجي! پرياڪماري جو ڪيس ته ڏوهارين جي ڦاسيءَ جي تقاضا ڪري ٿو۔
پريا ڪماري جي اغوا جي ڪيس جو تفصيل هن ريت ملي ٿو ته سندس والد راجومل پاران درج ڪرايل بيان (ايف آءِ آر ) داخل ڪرائي ته تاريخ 19 آگسٽ 2021ع تي منجهند جو 3 وڳي پنهنجي گهر ٻاهران سبيل هلائيندي 7 سالن جي پريا ڪماري اغوا/غائب ٿي وڃي ٿي. 3 ڏينهن اوسي پاسي، مِٽن مائٽن وٽ ڳولا کان پوءِ 22 آگسٽ 2021ع تي ايف آءِ آر درج ڪرائي وئي، جيڪا قلم 364 ۽ 34 تعزيرات پاڪستان جي زمري هيٺ درج ڪئي وئي. مان اهو ته نٿو ڄاڻان ته هينئر ڪورٽ ۾ ڪيس جي ڪهڙي نوعيت آهي پر اڳ جيان وري تفتيشي ٽيم جو جڙڻ ٻڌائي ٿو ته يا ته ڪيس جي تفتيش مڪمل نه ٿي سگهي آهي يا ڪيس کي ٺپ ڪيو ويو آهي، نه ته ڪرمنل ڪوڊ جي سيڪشن 173 تحت 14 ڏينهن اندر حتمي چالان جمع ٿيڻو هوندو آهي. هن ڪيس جي تفتيش ايس پي رينڪ جي آفيسرن جي جوائنٽ ٽيم ڪئي آهي پر تنهن جي باوجود ڪيس بابت ڪي به حقيقتون منظر عام تي نه اچي سگهيون آھن۔ ڇا جوابدار ايترا بااثر آهن جو تفتيش جو عمل مڪمل نه پيو ٿئي!؟ قانون جو اهو طئي ٿيل اصول آهي ته تفتيش ۾ دير جو ڪارڻ جوابدارن جي کاتي ۾ ليکيو ويندو آهي. ٻئي طرف ايف آءِ آر ۾ قلم 364 لڳايو ويو آهي، جڏهن ته معصوم پريا ڪماري جي عمر 7 ۽ 10 سالن جي عمر جي اندر آهي ۽ تعزيرات پاڪستان تحت قلم 364-A لڳڻ گهرجي، جنهن ڏوھ جي سزا ڦاسي يا عمر قيد آهي. جڏهن ته 364 تحت ڏوھ جي سزا عمر قيد يا 10 سال تائين آهي. پوليس تعزيرات جي هر هڪ قلم کان بخوبي واقف آهي پر هن اهم ڪيس ۾ اها غفلت لاشعوري ته يقينن نه هوندي. پريا ڪماري جو اغوا به هڪ ناقابل ضمانت ۽ ٺاھه نه ڪرڻ جوڳو ڏوھه آهي.
جيئن جيڪب آباد جي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي مان فضيلا سرڪي ان وقت اغوا ٿي جڏهن ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏينهن ملهايو پئي ويو. ان وقت فضيلا جي عمر 7 سال هئي. ڪيس داخل ٿيو، ٽيمون جڙيون، ڪيترائي ايس پي ۽ آءِ جي آيا ويا، حڪومتون تبديل ٿينديون رهيون پر فضيلا سرڪي جو اڄ تائين پتو پئجي نه سگهيو آهي ته جيئري به آهي يا مري وئي.ائين ئي پريا ڪماري اغوا ٿي ڪيس داخل ٿيو، ٽيمون جڙيون، ڪيترائي ايس پي ۽ آءِ جي تبديل ٿيا. پر پريا ڪماري جو پتو پئجي نه سگهيو آهي. پوليس، حڪومت ۽ رياست لاءِ اهي معمول جا واقعا آهن، پر انهن مائرن مٿان ڇا گذرندي هوندي جنهن جون معصوم نياڻيون سندن اکين کان اوجهيل هونديون۔جن جو سڪون ۽ آرام حرام هوندو۔ سنڌ حڪومت کي انهن مائرن تي رحم کائڻ گهرجي جيڪي ڏينهن رات رت روئي رهيون آھن سندن اکين جا ڳوڙھا سُڪي ويا آھن۔ سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي جيڪڏهن سنڌ سرڪار ۽سنڌ پوليس سنجيده ٿي پنهنجي حصي جو ڪردار اپنائن ته پرياڪماري اڄ ئي پنهنجي وارثن سان ملي سگهي ٿي پر شرط اهو آھي ته سرڪار ڏوهارين جي پٺڀرائي ۽ سرپرستي نه ڪري۔

پهنجو تبصرو موڪليو