ممبئي(شوبزنيوز)بالي ووڊ جي مقبول ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ سندس مڙس آمريڪي اداڪار ۽ ڳائڻي نڪ جونس پنهنجي ڌيءَ جو نالو رکيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب پريانڪا ۽ نڪ جونس پنهنجي ڌيءَ جو نالو ”مالتي ميري“ رکيو آهي جڏهن ته اداڪار جوڙي جي ڌيءَ جي ڄمڻ واري سرٽيفڪيٽ ۾ نالو ”مالتي ميري چوپڙا جونز“ لکيل آهي.رپورٽ ۾ ڇوڪري جي نالي جي معنيٰ واضح ڪندي چيو ويو آهي ته مالتي هڪ گل جو نالو آهي ۽ پريانڪا جي ماءُ ماڌو چوپڙا جي نالي جو حصو پڻ آهي. ڄمڻ واري سرٽيفڪيٽ موجب، پريانڪا ۽ نڪ جونس جي ڌيء 15 جنوري تي ڄائو هو.










